وس آهر پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي، مسرور احمد خان جتوئي
مورو جاويد، ڪانڌڙو
نيشنل پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس نوان جتوئي ۾ جتوئي هائوس تي اڳوڻي ايم پي اي مسرور احمد خان جتوئي ۽ ايم پي اي عارف مصطفى جتوئي جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ وڪيل عبدالله خان ڪورائي، منصور احمد جتوئي، منير احمد جتوئي،عرفان عباسي،جاويد مصطفي ڪانڌڙو، محسن شاه ۽ ٻين اهم اڳواڻن سميت ووٽرن ورڪرن سميت مختلف برادرين جي چڱن مڙسن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ اليڪشن بابت غور ويچار ڪيو ويو، بعد ۾ اڳوڻي ايم پي اي مسرور احمد خان جتوئي چيو ته اسان هتان جي عوام جي اسرار تي وري اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته هميشھ وانگر هن ڀيري به مورو تعلقي جو غيور عوام اسان کي ووٽ ڏئي سوڀارو ڪندو هن وڌيڪ چيو ته اسان جي سياست جو مقصد غريب عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ اسان جڏهن به چونڊجي اسمبلين ۾ پهتا آهيون ته وس آهر پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي ۽ جيڪو اليڪشن ۾ عوام سان واعدو ڪندا آهيون ان تي پورا لهندا آهيون هن مهل تائين اسان ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ۽ شهرن ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي اميد ته هن ڀيري به عوام اسان کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري اسمبلين تائين پهچائيندو ۽ اسان هر دفعي وانگر هن دفعي به عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيو ته اسان سڀاڻي عوام جي هڪ وڏي جلوس سان قومي اسمبلي جي تڪ نمبر 211، صوبائي اسمبلي تڪ نمبر 19،20،22،23 لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ پهچي فارم جمع ڪرائي پنهنجي اليڪشن مهم جو آغاز ڪنداسين