هنڱورجا ۾ ٽن ڏينهن جي عورتن جي بيمارين واري ڪئمپ لڳائي وئي
هنڱورجا:لڪياري ويلفيئر ٽرسٽ پاران سيد ارشاد احمد شاهه ميموريل اسپتال ۾ ٽن ڏينهن جي عورتن جي بيمارين واري ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ ملڪ جي نالي وارن ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين شير شاهه سيد ، ڊاڪٽر افتخار احمد، ڊاڪٽر زويا خان ۽ ٻين پنجاهه کان وڌيڪ داخل عورتن جا مختلف بيمارين جا آپريشن ڪري کين کي مفت دوائون پڻ فراهم ڪيو ويون ڪئمپ جي پڄاڻي تي ايوارڊ تقريب کي ٽرسٽ جي سربراهه پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ، ڊاڪٽر شير شاهه سيد ، ڊاڪٽر قربان سهتو ، ڊاڪٽر ضمير حسين کوکر، عبدالغني ميمڻ، انيس احمد نوحاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مفت ۾ ڪئمپ لڳڻ سبب علائقي جي عورتن کي وڏو فائدو رسيو آهي سيد ڪاظم علي شاهه چيو ته منهنجي زندگي جو مقصد غريب ، بي سهارا ۽ مسڪين ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي . پير ڪاظم علي شاهه پاران آيل سمورن مهمانن کي اجرڪن ، ٽوپين ۽ لنگي جا تحفا ڏنا ويا ۽ ٽرسٽ پاران ڊاڪٽرن ، ڊاڪٽرياڻين ۽ صحافين کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. آخر ۾ صوفياڻي راڳ جي محفل ٿي جنهن ۾ سنڌ جي نالي وارن فنڪارن فقير نجم علي، فقير ضمير علي مشهور الغوز نواز فقير محمد بخش چنو صوفياڻا ڪلام ڳائي ويٺلن کي جهومائي مست ڪري ڇڏيو.