هنڱورجا: ڪچو رستو سم جي پاڻي سبب بند ٿي ويو
هنڱورجا: يوسي رسول آباد جي مختلف ڏهه ڳوٺن کي شهر سان ملائيندڙ ڪچو رستو سم جي پاڻي سبب ٻڏي وڃڻ ڪري ڳوٺاڻن جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو ، مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو حاجي خدا بخش ، عبدالستار آرائين، عبدالغفور ، محمد اسلم ، ساجد علي آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رستو ٻڏي وڃڻ خلاف پريس ڪلب آڏو چونڊيل نمائدن ۽ ٽي ايم او صوڀوديرو جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاهرين الزام لڳايو ته ڳوٺ نور احمد آرائين، ڳوٺ حاجي غلام قادر ، ڳوٺ صفر خاصخيلي، ڳوٺ ڪوڙل خاصخيلي ، ڳوٺ مير احمد ، ڳوٺ کبڙ خان ، ڳوٺ شهمير سميت ڏهه ڳوٺن کي هنڱورجا شهر سان ملائيندڙ مين رستو ڪچو هجڻ ڪري سم جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي جنهن ڪري مزڪورا ڳوٺن جي رهواسين جي اچ وڃ بند ٿي وئي آهي جڏهن ته رستي کي پڪو ڪرڻ ۽ ان م مٽي وجهرائڻ لاءِ چونڊيل نمائدن ۽ ٽي ايم او صوڀوديرو جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن رستي مان سم جو پاڻي نيڪال ڪري رستو پڪو تعمير نه ڪرايو ويو ته چونڊيل نمائدن ۽ ٽي ايم او صوڀوديرو خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو. هنن اعلي اختارين کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.