ھنڱورجا

هنڱورجا: معاشري ۾ عورتن مٿان ظلم ۽ بربريت جو سلسلو جاري, خطاب

Seminar on women (640x258)هنڱورجا ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان هاءِ اسڪول جي آڊيٽو هال ۾ پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي اسڪول انتظاميه پاران ڪوٺايل عورتن جي سيمينار کي پروفيسر فيض محمد سهتو، محمد اڪرم شيخ، نسيم يوسف ميمڻ ، الهرکيو خاصخيلي، نسيم عباس چانڊيو ، سويرا ميمڻ، گلشن سومرو، صنم منڱڻيجو ، مقيم ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان جي معاشري ۾ اڄ به عورتن مٿان ظلم ۽ بربريت جو سلسلو جاري آهي بيگناهه عورتن مٿان تشدد ڪرڻ سان گڏ سڱ چٽي ڏيڻ ، ڪارنهن جهڙا ڪوڙا الزام هڻي قتل ڪرڻ جو به سلسلو جاري آهي جڏهن ته ٻهراڙي جي عورت شهر جي عورت کان وڌيڪ ازيت جو شڪار ٿئي ٿي اتان جي عورت مرد سان گڏ زراعت جو ۽ زمين جي کيڙي جو ڪم پڻ ڪري ٿي اسان جي معاشري ۾ اڄ به عورت کي نوڪري ڪرڻ کي ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو جيڪا وڏي ناانصافي آهي . عورت مٿان مختلف قسمن جا ظلم ٿي رهيا آهن عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي سڀني کي وچن ڪرڻو پوندو ته عورتن مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف ڀرپور نموني آواز اٿاريو ويندو سمينيار ۾ عورت مٿان ٿيندڙ ظلم جي عنوان هيٺ تقريري مقابلا ڪرايا ويا جنهن ۾ شاگردياڻين جي وڏي انگ حصو ورتو ۽ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين کي انعام پڻ ڏنا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button