هنڱورجا: سنڌ کي مختلف وقتن تي سامراجي قوتن وڏو نقصان رسايو آهي، جسقم اڳواڻ
جسقم هنڱورجا پاران ٽائون ڪاميٽي حال ۾ ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ“ عنوان هيٺ ليڪچر پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي ، فقير امداد منگي، علي عثمان ميمڻ ، پرويز لنجار، ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار ، يوسف ميمڻ کان سواءِ خيرپور ضلعي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ليڪچر پروگرام کي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي مختلف وقتن تي سامراجي قوتن وڏو نقصان رسايو آهي ايتري حد تائين جو ون يونٽ مڙهي سنڌ جي جاگرافي حيثيت کي ختم ڪيو ويو پر سائين جي ايم سيد ۽ سنڌ جي محب وطن ماڻهن جي تاريخي جدوجهد ڪري ون يونٽ کي ٽوڙايو هن چيو ته سنڌ صوفين ، بزرگن ۽ درويشن جي ڌرتي آهي پر ان ڌرتي تي دنيا جي ڌڪاريل بنگالين ، برمين ، افغانين کي آڻي سنڌ ۾ دهشتگردي جو ٻج ڇٽيو ويو هن چيو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي سموري حياتي سنڌي قوم سان بيحد عشق ڪندي ڌرتي خاطر آخري دم تائين جدوجهد ڪئي هن چيو ته اسيمبلين ۾ مسئلا حل نٿا ٿين باربار اسيمبلين مان بل پاس هجڻ باوجود سنڌ دشمن منصوبن تي عمل ڪيو پيو وڃي. ان لاءِ سنڌي قوم کي سائين جي ايم سيد ۽ ان جي سچي عاشق شهيد بشير خان قريشي جي ڏسيل واٽ تي هلندي ڪهاڙي واري ڳاڙهي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيڻو پوندو.