هنڱورجا: حافظ عبدالخبير لنڊ کي جي گرفتاري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل
جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالحميد لنڊ جي فرزند حافظ عبدالخبير لنڊ کي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ٿاڻو ڪراچي هارون ڪورائي پاران گرفتار ڪري گم ڪرڻ ۽ سندس ڪار ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪرڻ خلاف سندس ڀاءُ مولانا عبدالقدير لنڊ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سندن ڀاءُ عبدالخبير لنڊ ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ رهندو ۽ اتي ڪاروبار ڪندو آهي 23 مارچ تي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون سندس گهر تي چڙهائي ڪري کيس گرفتار ڪري سندس جي ايل آءِ گاڏي پڻ پاڻ سان گڏ ڪاهي ويو جنهن بعد گاڏي ۾ ٻه ڪلو چرس ڏيکاري ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪئي وئي جڏهن ته اسان جي ڀاءُ کي ايس ايڇ او گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي آزادي لاءِ ڳري رقم رشوت طور گهري پئي وڃي نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس دهشتگرد ڄاڻائي مقابلي ۾ ماري ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن جنهن لاءِ اسان جي ڀاءُ کي ترت بازياب ڪرائي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پٽيشن ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري 2 اپريل تي ٻڌڻي رکي آهي جنهن ۾ ڌرين کي طلب ڪيو ويو آهي هن ڏس ۾ جي يو آءِ اڳواڻن مولانا عبدالقدير لنڊ ، مولاناعبدالحق لاشاري، مولاناعبدالرب عثماني، طارق احمد لنڊ هتي پري ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جو مذهبي گهراڻو آهي ۽ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ٿاڻو نامعلوم ماڻهن جي ونگار وهندي اسان جي ڀاءُ کي بيگناهه گرفتار ڪري گم ڪيو آهي ۽ هاڻي سندس جي آزادي لاءِ 10 لک روپيه گهري رهيو آهي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس کي مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، نگران وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته سندس ڀاءُ کي آزادي ڏياري ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي وڃي ٻي صورت ۾ جي يو آءِ پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.