سکر

هنڱورجا: اتر سنڌ ۾ ڪڻڪ جي لاباري لاءِ تياري

Wheat in Sindhهنڱورجا،اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور ، نوشهروفيروز ۽ سکر ۾ لکين ايڪڙ زمين تي پوکيل ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارو شروع ٿيڻ کان اڳ ڪڻڪ جي ڪٽائي ۽ صفائي لاءِ مشينري ۽ ڏاٽا ٺپڻ وارو ڪم تيز ٿي ويو مسترين ۽ لوهارن وٽ رش وڌي وئي سيزن شروع ٿيڻ تي مسترين ۽ لوهارن اگهه وڌائڻ سان گڏ اگهه وڌائڻ سان گڏ ناز ۽ نخرا ڪرڻ لڳا.
تفصيل موجب اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور ، نوشهروفيروز ۽ سکر ضلعن ۾ لکين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارو شروع ٿيڻ ۾ هفتو وڃي بچيو آهي ۽ ڪجهه جاين تي لابارو شروع ٿي ويو آهي لاباري جي سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ڪڻڪ جي لاباري توڙي صفائي واري ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ مشينري جهڙوڪ لاباري جي مشين ، ٿريشر ، ٽريڪٽرن جي مرمت لاءِ مسترين وٽ رش لڳي وئي آهي جنهن ڪري مسترين به پنهنجا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ڪڻڪ جي لاباري ۾ پنجاهه سيڪڙو مشينري استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ باقي پنجاهه سيڪڙو ماڻهو اڄ به ڏاٽن زريعي لابارو ڪن ٿا جنهن ڪري ڏاٽن جي ٺپائي ، ڏاٽن جي ڏندائي ، پڻ نوان ڏاٽا تيار ڪرڻ واري ڪم ۾ تيزي اچي وئي آهي جنهن ڪري ڏاٽا ٺاهڻ وارن لوهارن جي دڪانن تي پڻ رش وڌي وئي آهي هن ڏس ۾ هڪ لوهار عطا محمد سولنگي ٻڌايو ته مارچ شروع ٿيندي ئي ڏاٽن جي ڏندائي جوڪم تيز ٿي وئي ٿو جيتوڻيڪ زميندار ۽ آبادگار ڪڻڪ جو لابارو مشينري زريعي ڪرائن ٿي ان باوجود هٿ واري لاباري جي اهميت اڄ به موجود آهي اهوئي سبب آهي جو ڏاٽن ٺاهڻ ۽ ٺپڻ واري سيزن ۾ رات ڏينهن دڪان تي ويهي ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ هن وقت نئون ڏاٽو 200 کان 250 سئو تائين ٺاهيو وڃي ٿو .جڏهن ته في ڏاٽي جي ٺپائي ٽيهه کان پنجاهه روپين ۾ ڪئي وڃي ٿي۽ هن وقت تائين پنج هزار کان وڌيڪ ڏاٽا ٺاهي چڪو آهيان . هنن سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻ ڪامريڊ ڪانڊيرو خان ، ٻڌل خان چانگ، لونگ خان حطار ۽ ٻين ٻڌايو ته وڏا آباگار ڪڻڪ جو لابارو مشينري تي ڪرائن ٿا جڏهن ته باقي آبادگار ڏاٽن ذريعي ڪڻڪ جو لابارو ڪن ٿا ڇو ته ڏاٽي زريعي لابارو ڪرڻ سان ڪڻڪ ذيان نٿي ٿيئي اهڙي ريت لاباري جي سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ لاباري ۾ استعمال ٿيندڙ مشينري ۽ ڏاٽن جي مرامت توڙي نون ڏاٽن ٺاهڻ جي ڪم ۾ تيزي اچي وئي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button