هنڱورجا: انبن جهليا ٻور اتر سنڌ ۾ انبن جا باغ ٻوڪجي ويا انبن جا ٺيڪيدار ۽ واپاري ٺيڪا کڻڻ لاءِ زميندارن وٽ ديرا ڄمائي ڇڏيا هاڻي کان ئي باغن جا واڪ لڳڻ شروع ٿي ويا
تفصيل موجب اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور ، نوشهروفيروز ، سکر ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ميون جي بادشاهه انبن جا باغ ٻوڪجي ويا آهن. جڏهن ته باغ ٺيڪي تي کڻندڙ ٺيڪيدار ۽ واپاري باغن جي زميندارن وٽ پهچي ويا آهن جيڪي هاڻي کان ئي باغن جا ٺيڪا کڻڻ لاءِ واڪ ڏيڻ لڳا آهن جڏهن ته سنڌ کان سواءِ پنجاب ، سرحد، ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ واپاري ۽ ٺيڪيدار به زميندارن وٽ پهتل آهن ۽ اهي باغ ٺيڪي تي کڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن .هن ڏس ۾ انب جي باغ جي زميندارن بنگل خان چانگ، محمد هاشم چانگ، سڪندر چانڊيو، دوست محمد سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته انبن جا باغ هن وقت ٻوڪجي ٻور سان ڀرجي ويا آهن. واپاري به ٺيڪن لاءِ اچي رهيا آهن جڏهن ته پاڻي جي کوٽ ۽ بيماري لڳڻ ڪري ڪجهه هنڌن تي انب جي باغن کي ڪافي نقصان پڻ رسيو آهي.