مورو

مورو: اليڪشن جو چهچٽو شروع فارم وٺڻ لاءِ پراڻن چهرن سان گڏ نوان چهرا به ميدان

جاويد ڪانڌڙو،مورو
Election 2013مورو ۾ اليڪشن جو چهچٽو شروع فارم وٺڻ لاءِ پراڻن چهرن سان گڏ نوان چهرا به ميدان ۾ لٿل دلچسپ مقابلن جا امڪان، تفصيل موجب؛ اليڪشن جو اعلان ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ۾ پاڻ کي سوڀارو ڪرڻ لاءِ پراڻن چهرن سان گڏ ڪيترائي نوان چهرا، وڪيل، سول سوسائٽي ۽ شهري ميدان ۾ لهي آيا ۽ ان سلسلي ۾ مورو رٽرننگ آفيسر قمرالدين عباسي وٽ پهچي نيشنل پيپلز پارٽي جي سربارھ غلام مرتضى جتوئي، اڳوڻو ايم پي اي مسرور احمد خان جتوئي، اڳوڻو ايم پي اي عارف مصطفى جتوئي، پير آف راني پور سيد عاشق علي شاھ جيلاني، فنڪشنل ليگ ضلعي نوشهروفيروز جي صدر خليفو عبدالسلام ڏاهري، نامياري وڪيل امين الدين خاصخيلي، وڪيل سبحان زرادري، وڪيل پير ذوالفقار علي شاھ،قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ گل ڀنگر، نوجوان تحريڪ جي سيد حسن شاھ صوفاڻي، محمد ياسين ڍلو سميت اين اي 211 جي لاءِ 12 اميدوارن، پي ايس 19 جي لاءِ 10 اميدوارن، پي ايس 23 جي لاءِ 28 اميدوارن، پي ايس 22 جي لاءِ 23 اميدوارن فارم وصول ڪيا آهن، هوڏانهن نيشنل پيپلز پارٽي پاران اميدوارن جو حتمي اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اين اي 211 جي لاءِ غلام مرتضى خان جتوئي، پي ايس 23 جي لاءِ مسرور احمد خان جتوئي، پي ايس 19 جي لاءِ رئيس عاقب خان جتوئي، پي ايس 21 جي لاءِ سيد ابرار شاھ ۽ پي ايس 22 جي لاءِ سيد آصف علي شاھ ۽ ٻين جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن، هن دفعي پراڻن چهرن سان گڏ وڏي تعداد ۾ نوان چهرا به اليڪشن جي ميدان ۾ لٿا آهن جنهن جي ڪري ڪانٽي دار مقابلي ٿيڻ جا امڪان آهن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button