سکر

مشرف سنڌ جي ماڻهن جا ووٽ برادري سسٽم ۾ تقسيم ڪرڻ جي سازش ڪئي،مولانا محمود چاچڙ

بيورو رپورٽ، سکر
Mahmood Chachar (640x227)شهري اتحاد پنو عاقل جي چيئرمين مولانا محمود چاچڙ خطاب چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڳو ڪيل ڪاري قانون تڪراري مڪاني نظام ۾ شهري علائقن کي هڪ مخصوص لساني تنظيم جي حوالي ڪيو ويو هو ۽ ٻهراڙي وارا علائقا جاگيردارن، وڏيرن جي حوالي ڪيا ويا هئا، جنرل مشرف سنڌ جي ماڻهن جا ووٽ برادري سسٽم ۾ تقسيم ڪرڻ جي سازش ڪئي، جنهن کي سنڌ جي عوام يڪجهتي جو مظاهرو ڪري ناڪام بڻايو، سنڌ شهري اتحاد پنوعاقل پاران ڳوٺ چاچڙ ۾جلسو منعقد ڪيو ويو،هن چيو ته اسان ڪاري قانون جي بل پاس ٿيڻ جي متعلق سماجي، مذهبي، ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻهن وفد جي صورت ۾ وفاقي وزير ۽ پي پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه سان ملاقات ڪري چيو ويو ته هن يقين ڏياريو ته جيڪڏهن اسان ٻيهر حڪومت بنائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، ته هي تڪراري جنرل پرويز مشرف جو مڪاني نظام ختم ڪرائي ڇڏينداسين، اسان ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪنداسين، جنهن تي اسان کي سيد خورشيد احمد شاهه يقين ڏياريو هو ته هي مڪاني نظام واپس ٿيندو، بل واپس ٿيڻ تي اسان خورشيد احمد شاهه، وفاقي وزير ۽ صدر مملڪت جا شڪر گذار آهيون جن سنڌ جي عوام جا مطالبا پورا ڪيا، اسان خورشيد شاهه کي مبارڪ باد پيش ڪيون ٿا ته پنهنجي تڪ جي عوامي کان علاوه سنڌ جي هر تڪ جي ماڻهن سان ملاقات ڪري عوام جا مسئلا حل ڪيا، اسان جلسئه عام ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي لاءِ قرارداد پاس ڪيون ٿا ته قومي اسيمبلي جي سيٽ کان علاوه صوبائي سيٽ تي به اليڪشن وڙهي، سنڌ جي عوام سيد خورشيد احمد شاهه کي سنڌ جو وزير اعليٰ ڏسڻ چاهي ٿي، ۽ سيد اويس احمد شاهه جي لاءِ به قرارداد پاس ڪئي وئي ته هو پي ايس ٽو جي لاءِ صوبائي سيٽ جي لاءِ وڙهن، قرارداد شهري اتحاد جي چيئرمين مولانا محمود چاچڙ پاران عوام جا هٿ مٿي ڪرائي قرارداد پاس ڪرائي، جلسئه عام کي سياسي، سماجي، سول سوسائيٽي ۽ مذهبي اڳواڻن خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button