ٽنڊو محمد خان: مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 84 سالگرهه ملھائي ويئي
فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
ايم آر ڊي تحريڪ جي واحد عورت ليڊر ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر واري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 84 سالگرهه جي حوالي سان بخاري هائوس ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ پروقار تقريب پ پ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي اڳواڻ ۽ پي ايس 53 جي امڪاني اميدوار سيد اعجاز شاهه بخاري جي اڳواڻي ۾ ٿي گذري ، تقريب ۾ سيد اعجاز شاهه بخاري پ پ ڪارڪنن ۽ جيالن سان گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، جنهن دوران پورو ھال جيئي ڀٽو ۽ زنده هي بي بي زنده هي جي نعرن سان گونڌجي اٿيو ، ان موقعي تي سيد اعجاز شاهه بخاري چيو ته اڄ اهڙي شخصيت جي سالگرهه آهي جنهن ساهه ڏيئي ويساهه ڏنو ، ڊڪٽيٽر ضياءالحق ۽ ان جي لابي خلاف هڪ مجاهد عورت جيئن ٿي بيٺي ۽ نيٺ شڪست ڏني ، ان دوران ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سڀ کان اڳيان هئي پاڻ جيل به ڪاٽيا ۽ ڪوڙا به کاڌا ، اسان کي سندن زندگي مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ مخالفن ۽ جمهوريت پسندن خلاف بيهي مقابلو ڪرڻ گهرجي ، ان موقعي تي سردار شفيق احمد ڀٽي، قمر علي پلي، عتيق احمد ڀٽي، رحمت الله ڀٽي، راجا سولنگي ۽ ٻيا موجود هئا.