آرٽيڪل

قبيلائي سوچ ۾ گرفتار ھئڻ ڪري سوچون به محدود

عوامي ڪانفرنس ۾ شريڪ دانشور
عوامي ڪانفرنس ۾ شريڪ دانشور
خيرپور: اسان قبيلائي سوچ ۾ گرفتار ٿي چڪا آهيون، جنهن جي ڪري ماڻهن جون سوچون به محدود ٿي چڪيون آهن. ان لاءِ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ هڪ سماجي تحريڪ جي ضرورت آهي.اهڙو اظهار هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل آءِ. اي . رحمان اڄ سنڌ امن فورم ۽ ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊووڪيسي پاران خيرپور ۾ ٿيندڙ قبيلائي تڪرارن تي منعقد ٿيندڙ عوامي ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن موقعي تي ناليواري سياسي ۽ سماجي اڳواڻ آدم ملڪ چيو ته سنڌ ۾ اهڙي ڪلچر کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي ماڻهون گڏجي ويهي پنهنجي مسئلن جي حل ۽ قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ڪندي گڏجي جدوجهد ڪن. پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو. ناليواري شاعره پروفيسر نجمه نور ڦلپوٽو ڳالهائيندي چيو ته سنڌ، امن، آشتي ۽ پريم ڪندڙن جي نگري آهي پر اها ساڳي سنڌ نفرتن جي هوائن جي ور چڙهيل آهي جنهن جي ڪري ماڻهن جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي زندگيءَ تي گهرو اثر پوي ٿو ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ سماجي تنظيمن ۽ ميڊيا کي ذميداري ۽ انصاف سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
ڪانفرنس جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت سنڌ، اعليٰ عدليه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائيندي قبيلائي تڪرارن جي نالي تي ٿيندڙ دهشتگردي کي سنگين ڏوهه قرار ڏنو وڃي. گڏوگڏ جرڳن تي پابندي وڌي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته تمام معاملا ڪورٽن جي ذريعي قانون جي دائري اندر حل ڪيا وڃن. تڪڙي ۽ پائيدار انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪورٽن ۾ هلندڙ ڪيسن جو فوري اڪلاءُ ٿي سگهي ۽ ماڻهن جو ڪورٽن تي اعتماد بحال ٿي سگهي. تازو سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيل سنڌ آرمز ايڪٽ 2013 مطابق هٿيارن جي نمائش ۽ غير قانوني هٿيارن جي چر پر تي مڪمل پابندي هڻي انهن کي ضبط ڪيو وڃي. پوليس کاتي مان سياستدانن جي مداخلت ۽ بدعنواني جو خاتمو آڻي پوليس جي ڪارڪردگيءَ بهتر بنائڻ لاءِ ان ۾ سُڌارا آندا وڃن. تمام ضلعن ۾ سماجي ۽ معاشي ترقيءَ کي يقيني بڻايو وڃي ان سان گڏوگڏ انهن ضلعن ۾ سيڙپڪاري ذريعي صنعتي ترقيءَ کي يقيني بڻائي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. روينيو کاتي ۾ سڌارا آندا وڃن ۽ زمينن ۽ جائيداد جي صحيح ماپ ۽ کاتن جو رڪارڊ رکيو وڃي. وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري جي اثر کي گهٽ ڪرڻ لاءِ زرعي سڌارا آندا وڃن ته جيئن طاقتور ڌرين جي سياسي دٻاءُ کي گهٽائي سگهجي. تعليم کي اوليت جي بنياد تي عام ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ سان گڏوگڏ نصاب ۾ انساني حقن جي آگاهي ڏني وڃي ته جيئن ثقافت، امن، سهپ ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏئي سگهجي. قبيلائي جهيڙن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي پنهنجي وطن ۾ بي گهر ٿيندڙ (IDPs ) تسليم ڪيو وڃي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي.
ڪانفرنس ۾ ٻين کان علاوه علامه حزب الله آءِ سومرو، پروفيسر اسد رضا عابدي، ممتاز علي منگي، خادم حسين ميراڻي، عبدالله دايو، شفقت حسين وساڻ، عبدالجبار خاصخيلي ۽ فوزيه حنيف پڻ قبيلائي تڪرارن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جا تفصيل پيش ڪيا ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button