آرٽيڪل

غريب ، مسڪين ماڻهن جو سهارو بڻيل لڪياري ٽرسٽ

رپورٽ : غلام حسين چانگ
Free medical camp at Hingorja (640x166)سنڌ جي سرزمين صوفين بزرگن ، درويشن ، الله لوڪ انسان سان ڀري پئي آهي جن پنهنجي زندگي ٻين جي خدمت ڪرڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي ۽ اڄ به اهڙن ئي انسانن جو نالو سڄي دنيا اندر قدر جي نگاهه سان ڏنو وڃي ٿو چوندا آهن ته پنهنجي لاءِ هرڪو پتوڙي ٿو پر ڪو ٻئي لاءِ لوچي ، سوچي ۽ عمل ڪري ٿو اصل زندگي جو مقصد به اهوئي هجي ٿو هن نفسا نفسي واري دور ۾ به جيڪي انسان ٻين لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو نيڪ مقصد ۽ سوچ رکن ٿا اهي انتهائي عظيم انسان آهن اهڙن ئي عظيم انسانن مان هنڱورجا جي درگاهه سخي ناصر شاهه لڪياري جو گادي نشين پير سيد ڪاظم علي شاهه به آهي سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري جيڪو بنيادي طور تي وڏي گهراڻي سان تعلق هجڻ باوجود هن جي اندر ۾ هميشه غريب ، مسڪين، ماروئڙن جهانگيئڙن جي لاءِ تڙپ هوندي آهي ۽ هو پاڻ کي پير بدران فقير سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري جي سماجي خدمتن طرف لاڙو هجڻ ڪري هن ڪجهه سال اڳ لڪياري ويلفيئر ٽرسٽ جي نالي سان هنڱورجا ۾ هڪ اداري جو وجود آڻي هن سڀ کان پهريان پنهنجي والد مرحوم سيد ارشاد احمد شاهه جي نالي تي مفت اسپتال جو قيام عمل ۾ آندو سيد ارشاد احمد شاهه ميموريل اسپتال جنهن تمام ٿوري عرصي ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آهي هن اسپتال ۾ هن وقت تائين مختلف بيمارين جون چار کان وڌيڪ ڪئمپون لڳي چڪيون آهن جن ۾ هزارين مريضن کي فائدو رسيو آهي مفت اسپتال جيڪا هنڱورجا شهر جي سخي ناصر شاهه گيٽ جي سامهون قومي شاهراهه لڳ قائم آهي عاليشان عمارت هجڻ سان گڏ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ٽيم ورڪ به ڪمال جو آهي چست ڊاڪٽر ۽ ورڪر هجڻ ڪري هتي ايندڙ مريضن پنهنجو پاڻ کي ڄڻ هڪ پرسڪون ماحول ۾ محسوس ڪري ٿو سندس جو علاج مفت ۾ ٿيڻ سان گڏ ان شفقت وارو سيد ڪاظم علي شاهه جو هٿ نظر اچي ٿو ته ويتر مريض خوش باش نظر اچڻ لڳي ٿو. سيد ڪاظم علي شاهه هڪ ڀيري پنهنجي بنگلي تي مون کي جڏهن اهو چيو ته غلام حسين آءُ غريبن جو مفت ۾ خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ منهنجي زندگي جو مقصد به اهو آهي ته آءُ ان وقت ئي سمجهي ويو هئس ته پير سيد ڪاظم علي شاهه جي سياست ۾ ايتري دلچسپي ناهي جيتري هن جي سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکي ٿو سيد ارشاد احمد شاهه اسپتال جي اندر اکين ، چمڙي جي مفت ڪئمپ لڳڻ کان پوءِ هاڻي وري عورتن جي بيمارين جي علاج لاءِ مفت ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن جو مفت علاج ڪرڻ سان مختلف علائقن کان آيل 50 عورتن جا آپريشن ڪري انهن کي نه رڳو دوائون مفت فراهم ڪيون ويون پر انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست به لڪياري ٽرسٽ پاران ڪيو ويو هو مفت ڪئمپ ۾ هنڌ بسترا ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ ڪري آيل مريضن هر پل سيد ڪاظم علي شاهه لاءِ دعائون ڏيندي نظر اچي رهيا هئا آپريشن بعد وارڊ ۾ داخل عورتن سان جڏهن تاثرات معلوم ڪيم ته هڪ جهوني عورت مون کي ٻڌايو ته ابا ڪاظم علي شاهه اسان لاءِ ته فرشتو ثابت ٿيو آهي جو اسان مسڪين ماڻهن جو مفت ۾ علاج ٿيو آهي نه ته اسان ته بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري وڃون ها. مفت ڪئمپ ۾ ملڪ جي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم جنهن ۾ پاڪستان نيشنل فورم آن وومين هيلٿ جي پروفيسر ڊاڪٽر شير شاهه سيد، ڊاڪٽر افتخار احمد سيد، ڊاڪٽر زويه، ڊاڪٽر فرح، ڊاڪٽر قربان سهتو، عرفان قريشي، ڊاڪٽر عبدالرحمان وساڻ، ڊاڪٽر صفي الله ميمڻ، ڊاڪٽر ضمير کوکر، ڊاڪٽر فوزيا ميمڻ ، انيس نوحاڻي ، قاصد الله آرائين، عبدالقادر سومرو، وسيم سهتو، ذوالفقار علي ، محمد يوسف، صدف ، زنوبيه، زاهد حسين، عليزا، شڪيلا ، نرس مينا ملاح، اظمي منگي، دائي حضوران گلال، فاطمه چانگ، شريفان سولنگي، وزيران گلال، ارباب خاتون، رضا کار آصف سومرو، اشتياق احمد شيخ، اختر ملاح، عابد سهتو، آصف علي رضا ميمڻ، صيف سومرو، پرويز علي ، سڪندر علي ، عبيد سولنگي سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن لڳل ڪئمپ ۾ پنهنجيون خدمتون پيش ڪيون . هن ڪئمپ جي نگراني ٽرسٽ جي سربراهه سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ڪئي جنهن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ عورتن جا آپريشن ڪيا ويا. ڪئمپ جي پڄاڻي تي سيد ڪاظم علي شاهه جي بنگلي تي ايوارڊ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ فڪشنل مسلم ليگ جي ضلعي صدر سيد محرم علي شاهه، وڏيرو عزيز احمد سهتو کان سواءِ ڊاڪٽرن معزز شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي پروقار تقريب کي ٽرسٽ جي سربراهه پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڄوڪي ڪئمپ ۾ عورتن جو مفت علاج ڪري آپريشن ڪيا ويا منهنجي زندگي جو مقصد مسڪين ماروئڙن جي مفت ۾ خدمت ڪرڻ آهي آئون ڊاڪٽر شير شاهه سيد ۽ ان جي سموري ٽيم جو وڌ کان وڌ ٿورائتو آهيان جنهن ڊاڪٽر قربان سهتو جي معرفت ٽائيم ڏنو هن چيو ته صحت ۽ تعليم جي لاءِ ادارا قائم ڪرڻ منهنجو پراڻو خواب هيو جيڪو پورو ٿي رهيو آهي تقريب کي ڊاڪٽر شير شاهه سيد خطاب ڪندي چيو ته سيد ڪاظم علي شاهه جي اسپتال سيد ارشاد احمد شاهه ميموريل اسپتال ۾ غريب ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪرڻ سٺو سوڻ آهي اڄوڪي ڪئمپ ۾ پنجاهه عورتن جا مفت ۾ آپريشن ڪري دوائون فراهم ڪيو آهن اسان کي جڏهن سيد ڪاظم علي شاهه سڏيندو ته اسان هليا اينداسون ڊاڪٽر زويه چيو ته ڪئمپ ۾ بهترين انتظام ڪيا ويا هئا جيتري به ان جي تعريف ڪجي اها گهٽ آهي صاف سٿرو ماحول ۽ سٺا انتظام هئا اسان به دلچسپي سان پنهنجو ڪم ڪيو . تقريب کي ڊاڪٽر افتخار احمد خطاب ڪندي چيو ته اصل عبادت آهي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ان لاءِ سيد ڪاظم علي شاهه کي جس ڏيون ٿا. ڊاڪٽر ضمير حسين کوکر خطاب ڪندي چيو ته پير سيد ڪاظم علي شاهه سخي مرد سان گڏ انسان دوست آهي جنهن مفت ۾ ماڻهن جو علاج ڪرڻ لاءِ وڏو ادارو قائم ڪيو آهي تقريب کي فنڪشنل ليگ جي ضلعي صدر سيد محرم علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته پير سيد ڪاظم علي شاهه تمام وڏو نيڪي جو ڪم ڪري پيو الله کيس کي وڏي ڄمار عطا ڪري . هن علائقي واسين جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي ۽ ڪري پيو تقريب ۾ لڪياري ويلفيئر ٽرسٽ پاران سمورن ، ڊاڪٽرن ، ڊاڪٽرياڻين ۽ ڪئمپ ۾ حصو وٺندڙ ٽيم کي اجرڪن، لنگين ، ٽوپين جا پير سيد ڪاظم علي شاهه تحفا ڏنا ۽ سڀني ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي بهترين ڪارڪردگي جا ايوارڊ ڏنا ويا جڏهن ته بهترين رپورٽنگ ڪرڻ تي سينيئر صحافي غلام حسين چانگ کي اجرڪ ٽوپي جو تحفو ڏيڻ سان گڏ پير سيد ڪاظم علي شاهه پاران مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. تقريب جي آخر ۾ صوفياڻي راڳ جي محفل سجائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي سريلي فنڪار نجم علي فقير، ضمير حسين فقير صوفياڻا ڪلام ڳائي ويٺلن کي جهومائي مست ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ڊاڪٽر شير شاهه سيد پاڻ غزل ڳايو ته واهه واهه ٿي وئي. محفل ۾ سنڌ جو ناليوارو الفوزي نواز فقير محمد بخش چنو جڏهن سازن تي ڪلام ڳايا ته ماڻهو جهومي پيا ۽ کيس کي خوب داد ڏنو ويو اهڙي ريت رات جو اڍائي وڳي محفل پنهنجي پڄاڻي تي پهتي محفل ۾ فنڪشنل ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه ، ليبر ونگ صدر عزيز احمد سهتو سميت وڏي انگ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button