سکر

عباس ٽائون سانحي خلاف سکر ۾ مڪمل ھڙتال

عمر سومرو ، سکر
Shia activist protestingڪراچيءَ واري واقعي خلاف سنڌ جي ٻين شهرن جيان سکر۽ ڀرپاسي ۾ ننڍن وڏن شهرن ۾ مڪمل طور تي هڙتال رهي ڪاروباري ۽ تجارتي مارڪيٽون بند رهيون، جڏهن ته پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنون به بند رهڻ سميت روڊن تي ٽريفڪ به روز جي معمول کان گهٽ رهي سکر جا مختلف علائقا صرافه بازار ، شاهي بازار، نم جي چاڙهي، گهنٽه گهر چوڪ، ڀٽا روڊ، ملٽري روڊ، اسٽيشن روڊ، شڪارپور روڊ، ميناره روڊ، پراڻو سکر، اسلام ڪالوني، نيو پنڊ، نئون ڳوٺ، مشن روڊ سميت ٻيا علائقن ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ۽ شهر جا پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنون بند رهيون جنهن جي ڪري گاڏي مالڪن کي پيٽرول ۽ سي اين جي جي حصول لاءِ دشواري کي منهن ڏيڻو پيو۽ روڊن تي ٽريفڪ معمول کان گهٽ هجڻ ڪري شهرين ۽ مسافرن کي مشڪلاتون پيش آيون، ۽ سرڪاري آفيسن ۾ به حاضري گهٽ رهي، ڪراچي سانحي سبب اندرون سنڌ جا سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته اندرون سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪراچيءَ واري سانحي جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، شيعا علماءِ ڪائونسل ضلعي سکر طرفان ضلعي صدر منظور حسين ساجدي ايڊووڪيٽ جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهري کي شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪوئيٽه، پشاور، گلگت بلتستان، ڪراچي سميت ٻين علائقن ۾ شيعن کي مسلسل ٽارگيٽ جو نشانو بڻايو پيووڃي، مگر حڪومت اهڙا واقعا روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، ۽حڪومت واقعن ۾ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ حڪومت جي ناڪامي آهي، اسين حڪومت کي چتاءُ ٿا ڏيون ته ڪراچيءَ جي عباس ٽائون واقعي ۾ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج ٿي ڪري ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button