سکر: ڪچي بندر جي متاثرين جو امداد ۾ ڪرپشن خلاف مظاھرو
بيورو رپورٽ ،سکر
سکر جي ڪچي بندر جي متاثرين کي ملڻ واري امداد ۾ ڪرپشن ۽ حقيقي متاثرين کي امداد نه ملڻ جي خلاف ڪچا بندر ايڪشن ڪميٽي سکر پاران پريس ڪلب جي آڏو علامقي بک هڙتال ڪئي وئي، علامتي بک هڙتال ۾ ڪچا بندر ايڪشن ڪميٽي جو اصلاح الدين شيخ، ملڪ ارشاد، سکر بچائو تحريڪ جو مولانا شهزادو، غلام مصطفيٰ گهمرو ايڊووڪيٽ، انڊس ميڊيڪل ويلفيئر ايسوسيئيشن سکر جو نائب صدر عمر فاروق آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي، متاثرين ڪچا بندر پاران انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي خلاف نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي اصلاح الدين شيخ ۽ مولانا شهزادو خطاب ڪندي چيو ته ڪچا بندر جي رهواسين کي ملڻ واري رقم ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي وئي، ۽ من پسند ماڻهن کي فرضي متاثر بڻائي ڪري رقم ورهائي وئي، ۽ حقيقي متاثرن کي هڪ سال گذرڻ جي باوجود به امداد کان محروم رکيو ويو آهي، سکر جي چونڊيل نمائندن پاران متاثرين ڪچا بندر کي معاوضو ڏيارڻ جا ڪيترائي دفعا وعدا ڪيا، پر انهن جو هڪ به وعدو مڪمل نه ٿي سگهيو، هنن وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته کليل آسمان هيٺان ويٺل متاثرين ڪچا بندر تي رحم کائيندي، متاثرين کي جلد امداد فراهم ڪئي وڃي، جيستائين متاثرين ڪچا بندر کي معاوضو نٿو ملي اسان جو ا حتجاج جاري رهندو.