مختصر خبرون

سکر: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم تي اسڪولن جو اوچتو معائنو

بيورو رپورٽ، سکر
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم تي سيشن جج سکر جي 30 کان وڌيڪ اسڪولن جو اوچتو معائنو، غير حاضر رهڻ وارن استادن کي باقاعده حاضر رهڻ، اسڪول ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ کان علاوه صفائي سٿرائيءَ جون به هدايتون ڪيو ويون، اڱاري جي ڏينهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاران سنڌ ۾ تعيلم جي معيار کي بهتر بنائڻ جي لاءِ سنڌ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به سيشن جج آنند رام، اعجاز ڦلپوٽو، اي ڊي او فيميل آفتاب ڪوثر، اي ڊي او ميل خليل مهر سان گڏ گورنمينٽ هائي اسڪول، گورنمينٽ گرلز هائي اسڪول، الفلاح هائي اسڪول سکر،ڊي ايم بي گرلز هائي اسڪول سکر سميت 0 3 کان وڌيڪ اسڪولن جو اوچتو معائنو ڪري تعليمي معيار جو معائنو ڪيو، ۽ اسڪولن جا حاضري رجسٽرڊ چيڪ ڪيا، ان موقعي تي اسڪولز انتظاميا ۽ استادن کي هدايتون ڏيندي چيو ته غير حاضر رهڻ وارا استاد حاضري کي يقيني بڻائين ۽ اسڪولن ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻايو وڃي، ۽ اسڪولن ۾ صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي، هنن چيو ته غير حاضر رهڻ وارن استادن جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، ۽ اسڪولن ۾ زير تعيلم شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بهتر طريقي سان تعليم فراهم ڪئي وڃي، ۽ شاگرد ۽ شاگردياڻيون به تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪن ۽ نقل ڪرڻ کان پاسو ڪن، هنن چيو ته سکر ضلعي جي ٻين شهرن ۾ به اسڪولن جو اچانڪ معائنو ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button