سکر: اي سيڪشن ٿاڻي تي حساس اداري جي اهلڪارن جو حملو
بيورورپورٽ ، سکر
سکر ،اي سيڪشن ٿاڻي تي حملي وارو معامرو ،گرفتار ڪيل وزير ملڪ اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران پوليس پاران لڳايل وڏي بورڊ تي 16۽ 39نمبر تي اشتهاري ڏوهاري طور گهربل آهي جنهن جي آزادي لاءِ ٿاڻي ۾ حملي آورن پاران هوائي فائرنگ ڪئي. معامري جي شروعات بئراج ڪالوني جي رهواسي جميل احمد ڀٽو پاران وزير ملڪ ۽ سندس ساٿي خلاف بئراج ڪالوني ۾ واقع سندس پلاٽ تي قبضو ڪري تعمير ڪرڻ واري فرياد تي اي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪري وزير ملڪ ۽ سندس ساٿي عديل کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ۽ ڳجهن ادارن جي اهڪارن ٻنهي ڄڻن کي ڇڏرائڻ لاءِ ٿاڻي تي حملو ڪيو ۽ لاڪپ ٽوڙي وزير ملڪ ۽ سندس ساٿي عديل کي آزاد ڪرائي ورتو جاويد ڀٽو ميڊيا کي ٻڌايو ته جيئن ئي قبضو ڪندڙن جي گرفتاري عمل ۾ آئي ته ڳجهي اداري جي ميجر رياض شاهه جي اڳواڻي ۾ اهلڪارن تعميراتي ڪم واري هنڌ تي مونکي يرغمال بڻائي سون جي واپاري منظور ڀٽو کي کڻي ويا جنهن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو موجود ناهي اهڙي واقعي خلاف ڪيس داخل ڪرئڻ لاءِ شاهد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽا برادري جي ماڻهن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو
سکر، سکر بئراج ڪالوني جي ايس ڊي او کي ڳجهن ادارن جي اهلڪارن پاران کڻي وڃڻ خلاف آبپاشي ملازمن ، عبدالوحيد خادم کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيسن جي تالابندي ڪري بئراج تي ڌرڻو هنيو هنن چيو ته هاڻي رياستي برداشت نه ڪيو ويندو اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن.
سکر، اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪوريج دوران ڳجهن ادارن جي اهلڪارن جي تشدد ۾ فوٽو گرافر ابراهيم سومراڻي کي نڪ، چهري ۽ پاسي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب بيهوشي واري حالت ۾ سکر سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته فوٽوگرافر قذافي شاهه، ، بابر کوکر علي ڏنو شاهه ۽ ٻين کي پڻ تشدد جو نشانو بڻايو ويو واقعي ٿيڻ بعد فوٽو جرنلسٽ صدر رئيس ابڙو،صحافي عبيد شيخ محمد ايوب،شڪيل عاجز ، ۽ ٻين پهچي اي سيڪشن ٻاهران ڌرڻي جي شرعات ڪئي جنهن بعد سمورا صحافي پهتا ۽ڌرڻي دوران شهرين جي وڏي انگ ۾ شامل ٿي ويا ڌرڻي ۾ ميونسپل پورهيت اڳواڻ علي مردان شيخ، واپاري اڳواڻ جاويد ميمڻ،پ پ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ سراج ميراڻي ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ پهتا.
سکر، رياستي اداري جي اهلڪارن پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي حملو ڪري پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ، واري واقعي جو جي ايڇ ڪيو نوٽيس وٺندي کاتي وار اعلى سطحي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ڳجهن ادارن جي اهلڪارن کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي ته اهڙي قسم جي ڪاروائي تي ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي وئي
سکر، اي سيڪشن ٿاڻي تي حملي واري معامري تي ايس ايس پي سکر پير محمد شاهه چيو ته واقعو افسوسناڪ آهي ڪنهن کي نه قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي واقعي تي انڪوائري لاءِ ايس پي هيڊ ڪواٽر مفخر عديل کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪندي عيني شاهدن ۽پوليس اهلڪارن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي .
سکر، سکر جي مين صدر ٿاڻي اي سيڪشن تي ڏينهن ڏٺي جو بنا وردي جي اهڪارن پاران داخل ٿي فائرنگ ڪري اهلڪارن مٿان تشدد ڪري گرفتار ڪيل ماڻهن جي آزاد ڪرائڻ واري معاملي تي سکر واسين انتهائي حيرت جو اظهار ڪيو آهي سڄو ڏينهن شهر ۾ ايجنسين جي اهلڪارن بابت ماڻهن ۾ تبصرا هلندا رهيا ٿاڻي تي جيئن هوائي فائرنگ ڪئي وئي ته ڀرپاسي جون دڪانون بند ٿي ويون
سکر،اطلاع آهن ته اي سيڪشن ٿاڻي تي حملي بعد ٿاڻي اندر ڳجهن ادارن جي اهڪارن اي ايس پي سٽي عبدالرحيم شيرازي کي يرغمال بڻائي چيو ته اوهان کي جرئت ڪيئن ٿي جو ڪرنل صاحب جي باورچي وزير ملڪ ۽ سندس ساٿي کي گرفتار ڪيو جنهن تي اي ايس پي کين منٿون ڪندي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو بعد ۾ هوبد مست ٿي اهلڪارن تي تشدد ڪندا رهيا.