سنڌ حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي مان بيحد مطمئن ۽ خوش آهي، قائم علي شاھ
خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي دورِ حڪومت کانپوءِ پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت ملڪ جي خوشحالي جي وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون آهن جڏهن گذريل 15 سالن ۾ روزگار نه ملڻ ڪري ماڻهو روزگار لاءِ پريشان هئا ۽ موجوده حڪومت صوبي اندر ٽي لک 50 هزار بيروزگارن کي روزگار ڏنو جڏهن ته رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا. وڏي وزير اهڙو اظهار سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪئمپس خيرپور جي هڪ ارب 50 ڪروڙ جي لاڳت سان مختلف شعبن جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت پاران صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن جڏهن ته تعليم ۽ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي مان بيحد مطمئن ۽ خوش آهي ڇو ته سنڌ حڪومت پاران عوامي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وڌ ۾ وڌ بهتر قدم کنيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي طاقت تي يقين رکندي آهي جڏهن ايندڙ اليڪشن ۾ به عوام جي ووٽ سان ٻيهر اقتدار ۾ ايندي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ليڊر آف هائوس ۽ اپوزيشن ليڊر پاران گڏيل فيصلي مطابق نگران حڪومت جوڙي ويندي. جڏهن ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه هڪ ارب 50 ڪروڙ جي لاڳت سان مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪئمپس خيرپور جي سول ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ، پئٽروليم اينڊ گيس ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ، سينٽرل لائبريري ۽ ڪيفيٽريا سميت ٻين مختلف شعبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سان ڪئمپس جي پرووائيس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي، ايس ايس پي سکر پير محمد شاهه، ايس ايس پي خيرپور سيد اصغر شاهه، پرائيويٽ سيڪريٽري مظهر علي مڱڻهار ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.