شهدادڪوٽ
سماجي تنظيم (روز) پاران عورتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب
ضمير کرل، شھدادڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾ سماجي تنظيم (روز) پاران عورتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪري عورتن جي حقن بابت آگاهي ڏني وئي، رورل آرگنائيزيشن فار سوشل امپاورمينٽ ( روز) پاران ڳوٺ رحيم بخش جمالي ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب دوران تنظيم جي چيئر پرسن زوبيده چانڊيو، منظور جمالي، ناهيد مگسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 21 صدي ۾ جتي انڊيا ۽ بنگلاديش پاڪستان سان گڏ آزاد ٿيا پر اتي عورتن جي ڀلائي لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا ويا آهن پر هتي رورل ايرياز ۾ اڄ به عوارت پٿر واري دؤر واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، هنن چيو ته تشدد ۽ جبو هتان جي عورت جو مقدر بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته اهڙين ناانصافين جي خاتمي لاءِ تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو.