خيرپور: انٽرنيشنل سوسائٽي آف پيٽروليم انجنيئرس جي ھڪ سال تي ھڪ تقريب پڄاتي تي
خيرپور: مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس ۾ انٽرنيشنل سوسائٽي آف پيٽروليم انجنيئرس(ISPE) جي خيرپور ڪئمپس چيپٽر جون هڪ سال پوري ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪيل ٻن ڏينهن واريون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پيٽروليم اينڊ نيچرل گئس شعبي جي شاگردن ۽ استادن جي ڪوشش سان ڪئمپس ۾ ٿيل ٻن ڏينهن وارين شاندار تدريسي ۽ راندين جي سرگرمين سان نه رڳو پيٽروليم شعبي جي شاگردن ۾ مقابلي جو رجحان پيدا ٿيو آهي،پر گڏوگڏ ٻين شعبن جا شاگرد به اهڙا پروگرام رٿين ۽ انهن ۾ حصو وٺن. پرو وائس چانسلر وڌيڪ چيو ته،نوجوان انجنيئرن کي گهرجي ته ليبارٽرين،انڊسٽرين،ورڪشاپس ۽ آئل ۽ گئس فيلڊس جي دورن مان سکن،انٽرنشپس تي ڌيان ڏين ته جيئن ڊگري وٺڻ کانپوءِ کين روزگار لاءِ پريشان نه ٿيڻو پئي. تقريب ۾ پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر سوسائٽي فار پيٽروليم اجنيئرس خيرپور ڪئمپس جي عهديدارن صدر محمد يونس جاگيراڻي،نائب صدر مس ثانيه سومرو،جنرل سيڪريٽري محمد فرقان قريشي ۽ راندين ۽ تدريسي سرگرمين ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ شيلڊون ورهايون. تقريب کي انٽرنيشنل سوسائٽي آف پيٽروليم انجنيئرس(ISPE)جي خيرپور ڪئمپس چيپٽر جي صدر ۽ ڪئمپس جي شاگرد محمد يونس جاگيراڻي، جنرل سيڪريٽري محمد فرقان قريشي پيٽروليم ۽ نيچرل گئس شعبي جي چئيرمين انجنيئر عمران ميمڻ،انجنيئر اسد ميمڻ ۽ٻين خطاب ڪيو.تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين،استادن،انتظامي ۽ تدريسي شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي.