حڪومت مشرف جي پاليسين کي ختم ڪرڻ بجاءِ جاري رکيو،شفقت حسين انڙ
عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
پ پ حڪومت پنجن سالا حڪومتي دور ۾ پاڪستان کي ايترو نقصان پهچايو جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، سنڌ مفاد پرست ۽ ڌرتي دشمن وڏيرن کي ضلعا ۽ تعلقا ورهائي ڏنا ويا، جن اتي پنهنجي اسٽيٽ قائم ڪري ورتي، دهشتگردي جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، اهڙن خيالن جو اظهار فنڪشنل ليگ ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ شفقت حسين انڙ پنهنجي رهائشگاهه علي آباد ۾ هڪ پر هجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هن وقت پاڪستان اندروني خطرن ۾ مبتلا نظر اچي رهيو آهي، دهشتگردي سبب روزانو ڪيترائي بيگناهه انسان قتل ڪيا پيا وڃن، هن وقت ملڪ جي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ وارو ڪو به ناهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين حڪومت جي ڪٿي به رٽ نظر نه پئي اچي، جڏهن ته حڪمران صرف قومي خزاني مان ڦرلٽ ڪري قومي ادارن کي تباهه ڪرڻ ۾ پورا آهن، حڪومت جي پنج سالا دور ۾ مهانگائي 2 سئو سيڪڙو کان وڌي وئي، بجلي ، گئس ۽ تيل مهانگو ڪري غريب عوام کان ماني جي سگهه به کسي وئي، پ پ حڪمرانن پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ اتحاد ڌر جي فرمائش تي ڪارو قانون لاڳو ڪري سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو، جنهن کي عوام ڀرپور آواز اٿاري حڪمرانن کي سنڌ دشمن لوڪل گورنمينٽ آرڊينسس واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو، هن چيو ته مشرف جي دور ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ قديم ضلعن ۽ تعلقن کي ٽوڙي غلط تڪبنديون ڪيون ويون، ته جيئن هو پنهجا اميدوار آساني سان ڪامياب ڪرائي سگهون، موجوده حڪومت به ڊڪيٽٽر مشرف جي پاليسين کي ختم ڪرڻ بجاءِ جاري رکيو، هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي کي ٽوڙي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، جنهن خلاف اسان پنهنجي وڪيل مسٽر امداد علي مشوري جي معرفت هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي آهي، اسان کي اميد آهي ته عدالت عوام جي حق ۾ ئي فيصلو ڏيندي.