جگر جي پيوندڪاري تي ٿيل ڪانفرنس جو احوال
سليم جتوئي
ننڍ پڻ ۾ مٺي پيشاب يا جلندر جي بيماري ورلي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ۽ ٻهراڙِين ۾ عورتون ڪاوڙ ۾ اهو پاراتو ڏيندي هيون ته شل جلندر جي بيماري ٿيندي اهو ٻڌي حيران ۽ پريشان ٿيبو هو ته اها وري ڪهڙي بلا آهي اهو هاڻ سمجهه ۾ آيو آهي ته اها ڪاري سائي آهي جنهن ۾ مريض جو پيٽ وڏو ٿي ويندو آهي ان کي ئي جلندر جي بيماري ڪوٺيو وڃي ٿو _ اڳوڻي زماني ۾ هزارن ۾ ڪو هڪ ماڻهو اهڙين بيمارين ۾ مبتلا هوندو هو
ان جو بينادي سبب اهو هو جو ماڻهو سادگي واري زندگي گذاريندا هئا ۽ ڊاڪٽرن توڙي نيم حڪيمن کان پري رهي پنهنجا ٽوٽڪا ۽ ٽوڻا استعمال ۾ آڻيندا هئا تنهنڪري انهن بيمارين کان به گهڻي ڀاڱي محفوظ رهندا هئا ۽ ٻيو وڏو سبب پنهنجو ڪم پاڻ ڪندا هئا ۽ مشينن تي نه ڀاڙيندا هئا .۽ ان وقت تمام گهڻو صحتمند معاشرو هو ۽ هر شئي ۾ برڪت هوندي هئي بيمارين جو پري پري تائين به ڏس پتو نه ملندو هو پر جيئن ئي سائنس ترقي ڪئي تيئن انسان به ان جي پٺيان لڳي ويو ۽ هر ڪم پاڻ ڪرڻ بدران مشينن تي ڀاڙڻ لڳو جنهن سان انسان جو سڄو سماجي نظام ئي تبديل ٿي ويو هڪ پاسي انسانن کي مشينن ذريعي ترقي ته ملي وئي پر گڏوگڏ ڪيترائي انيڪ مسئلا به اٿي کڙا ٿياجن کي اڄوڪو انسان منهن ڏئي رهيو آهي هن وقت سائنس ايڏي ترقي ڪئي آهي جو پوري دنيا هڪ ننڍري ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي ۽ ميڊيڪل سائنس جي نت نون ايجادن ۽ تجربن انسان کي آسمان تي اچي بيهاريو آهي پر ترقي سان گڏوگڏ انسان کي انيڪ مسئلن ۽ بيمارين به جڪڙي ڇڏيو آهي هن وقت ترقي پذير ملڪن جي ڪل آبادي ۾ هر ٻيو ماڻهو مٺي پيشاب يا شگر ۾۽ هر ڏهون ماڻهو جلندر يا ڪاري سائي جي بيماري ۾ورتل آهي. ان کان علاوه هن وقت اهي بيماريون به پيدا ٿي ويون آهن جن جو اڳ ڪڏهن نالو به ٻڌڻ ۾ نه ايندو هو. مثال طور ڪينسر ، برين هميرج ، هارٽ اٽيڪ سميت ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون آهن جن کي اڄوڪو انسان منهن ڏئي رهيو آهي ۽ جديد ميڊيڪل سائنس انهن بيمارين کي منهن ڏيڻ ۽ انسان جي ڀلائي لاءِ روز نوان تجربا ۽ ايجادون پيدا ڪري رهيو آهي پر پوءِ به انسان انهن بيمارين جو کاڄ بڻجي رهيو آهي انهيءَ جا سبب ته ڪهڙا هجن پرهڪڙي ڳالهه صاف آهي ته جيستيائين قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ زندگي نه گذاربي ته انسان هميشه خساري ۾ رهندو انهيءَ لاءِ ته شاهه سائين فرمايو آهي .
تُون حبيبُ، تُون طيبُ، تون داروُن کي دَردنِ،
توُن ڏيين، توُن لاهيين، ڏاتَرَ ! کي ڏُکنَدنِ،
تڏهن ڦَڪيون فَرَقُ ڪَنِ، جڏهن اَمرُ ڪَر هِو اُنِ کي.
ڊاڪٽر توڙِي ميڊيڪل سائنس ڀلي ڇا به ڪري وجهي پر جيسين خداوند تعاليٰ نه چاهيندو تيستائين انسان ڪيڏا به هيلا هلائي ٺيڪ نه ٿي سگهندو _ انسان کي هن وقت ڪيترين ئي بيمارين جڪڙي ورتو آهي جن جا ٻيا ڪيترائي سبب آهن پر هڪ وڏو سبب قرآن شريف ۽ حديث پاڪ جي روشني ۾ زندگي نه گذراڻ ۽ رب پاڪ جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ به ان جو اهم سبب آهي _ الله تعاليٰ انسان کي هر نعمت سان مالا مال ڪيو آهي ۽ ان سڄي جهان ۾ انسان کي تمام گهڻو حسين بڻائي ان کي اشرف المخلوقات جو لقب ڏئي سندس درجو فرشتن کان به وڌائي ڇڏيو آهي پر انسان ناشڪرو ٿي الله جي حڪمن کي پٺي ڏئي پنهنجي آسائشن جي پورائي لاءِ ڏينهن رات جستجو ۾ لڳو پيو آهي ۽ ڪيترن ئي سماجي ، اخلاقي ۽ ٻين مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي پر پوءِ به الله ڏانهن رجوع ڪرڻ بدران ڊاڪٽرن، نيم حڪمين ۽ درگاهن ڏانهن وڃڻ ۾ آفيت سمجهي ٿو . حضرت لقمان حڪيم کان وٺي اڄ تائين ڊاڪٽرن ، طبيبن ، حڪمين انسان ذات جي ڀلائي ۽ کين مختلف بيمارين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي ارپي ڇڏيو آهي ۽ انهن بيمارين جا ٽوڙ ايجاد ڪندا آيا آهن _ هن وقت معاشري ۾ گردن جي پيوندڪاري کان وٺي ٻين عضون سميت جگر جي پيوندڪاري جو جيڪو ڊاڪٽرن ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي اها ميڊيڪل سائنس جي هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي _ هن مضمون ۾ جگر جي پيوندڪاري سميت جگر جي بيماري جا سبب ۽ ان سبب موت جي شرح جو جائزو وٺڻ مقصد آهي ڇاڪاڻ ته جگر جي بيماري يا ڪاري ڪامڻ جنهن کي ڪاري سائي به چيو وڃي ٿو ۽ ٻين لفظن ۾ ان کي خاموش قاتل به سڏيو ويندو آهي جنهن جو روزانو هر گهر مان ڪو نه ڪو کاڄ بڻجي رهيو هو ۽ ڪجهه وقت اڳ صرف سنگاپور ، چين ، انڊيا ۽ ايران ۾ ان بيماري تي تحقيق ڪري ان جو علاج ۽ جيري جي پيوندڪاري شروع ڪئي وئي هئي پر اسان جي ملڪ ۾ جتي ٻين سهولتن جي اڻهوند آهي اتي صحت واري شعبي ۾ به تحقيق ۽ قابل ڊاڪٽرن جي تمام گهڻي کوٽ هئي ان وقت اسان جي ملڪ خاص طور تي سنڌ واسين لاءِ ڊاڪٽر صادق ميمڻ مسيحو ثابت ٿيو جنهن پنهنجي قابليت ۽ تحقيق آڌار جلندر جي بيماري تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ۽ نه رڳو ان بيماري جي خاتمي لاءِ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ( ايمس ) حيدرآباد نالي سان پنهنجي اسپتال قائم ڪري ڪاري سائي جي مريضن جو علاج شروع ڪيو ۽ جن جو جگر ختم ٿي چڪو هو اهڙن مريضن جو پنهنجي اسپتال جي سهڪار سان انديا جي نيو دهلي واري اپالو اسپتال مان جگر جي ڪامياب پيوندڪاري به ڪرائي آهي _ معاشري کي ڪاري سائي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صادق ميمڻ ڏينهن رات جاکوڙي رهيوآهي ۽ سندس اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان سوسائٽي فار دي ليور ڊزيز جي سهڪار سان ڊاڪٽر صادق ميمڻ جي اسپتال ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ( ايمس ) حيدرآباد پاران جگر جي پيوندڪاري جي موضوع تي هڪ ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستان کان علاوه انڊيا سميت ٻين ملڪن جي ماهر فزيشنن ۽ سرجنن شرڪت ڪئي
_هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس جي افتتاحي نشست جي شروعات ڪلاڪ پاڪ سان ڪئي وئي ۽ نعت خواني بعد ڊاڪٽر صادق ميمڻ ڊائيس تي اچي آيل مانوارن مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سندس اسپتال جي قيام جو مقصد ڪاري سائي جي بيماري ۾ ورتل مريضن جو بهتر علاج ڪرڻ ۽ جگر جي پيوندڪاري لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي ۽ هن وقت ايشين انسٽيٽيوت آف ميڊيڪل سائنس اسپتال حيدرآباد پاران روزانو 200 مريضن جي او پي ڊي هلائي پئي وڃي جنهن ۾ ساڻس سميت ڊاڪٽر عامر غوري ۽ ٻيا ماهر ڊاڪٽر مريضن جي علاج ۾ مصروف عمل آهن جڏهن ته ايمس پاران هن وقت کان تائين ڪل 83 مريضن جي اپالو اسپتال انِڊيا مان جگر جي پيوندڪاري ڪرائي وئي آهي جن مان گهڻِي ڀاڱي صحتمند زندگي گذاري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه مريض ڊاڪٽرن جي تجويزن تي عمل نه ڪرڻ ، پرهيز نه ڪرڻ ۽ دوائون وقت سر نه کائڻ سبب ڪن مسئلن ۾ ورتل آهن _ هن ٻڌايو ته سندس اسپتال ۾ جلد مريضن کي داخل ڪرڻ لاءِ وارڊن، آءِ سي يو ۽ ايمرجنسي شعبو قائم ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ويو آهي _ هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت ان اسپتال ۾ روزانو 10 کان 15 انڊواسڪوپي ۽ روزانو هڪ کان ٻن مريضن جي لِور بائيوپسي ڪئي ويندي آهي جڏهن ته اسپتال ۾ ايمبولينس سروس به موجود آهي ۽ اميد آهي ڪجهه عرصي بعد مريضن کي ٻئي هنڌان وڃي جگر جي پيوندڪاري ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي _ هن ٻڌايو ته هن وقت صرف اسلام آباد جي شفا اسپتال ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي اداري سوٽ ۾ ڪجهه مريضن جي پيوندڪاري ڪئي وئي آهي پر ڇاڪاڻ ته اسان وٽ مريضن جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ اسان وٽ ايتريون سهولتون ناهن تنهن ڪري مجبور ٿي مريضن کي انڊيا ڏانهن جگر جي پيوندڪاري لاءِ موڪليو وڃي ٿو . ڪجهه ماڻهو ته اتان جو خرچ برداشت ڪري سگهن ٿا پر غريب مريض ويچارا رڳو پنهنجي موت جا ڏينهن ڳڻي ڳڻي ڏاڍي ڏکي موت مري وڃن ٿا . ڊاڪٽر صادق ميمڻ چيو ته سندس پهريون مقصد غريب مريضن کي اها سهولت هتي ئي فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن ڊاڪٽري پيشي توڙي سندس انسانذات جي خدمت واري واعدي جي تڪميل ٿي سگهي . ان موقعي تي ڳالهائيندي اسرايونيورسٽي اسپتال حيدرآباد جي ڊاڪٽر عبدالغني قاضي چيو ته اسرا اسپتال کي ترقي وٺرائڻ ۾ ڊاڪٽر صادق ميمڻ جو وڏ هٿ آهي جنهن پنهنجي ايمانداري سان نه رڳو مريضن جو علاج ڪيو پر اسپتال جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ سندس ڪيل ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن _
هن چيو ته ڊاڪٽر صادق ميمڻ ڀلي ئي پنهنجي ڌار اسپتال قائم ڪئي آهي پر اهو اڄ به اسرا اسپتال جو حصو آهي ۽ ڊاڪٽر صادق جهڙا انسان ورلي پيدا ٿيندا آهن جن کي ننڍي ڄمار ۾ ايڏي وڏي ڪامياب ملندي آهي جنهن جو وڏو سبب سندس پنهنجي پيشي سان سچائي ، قرآن شريف ۽ حديث پاڪ جي روشني ۾ زندگي گذارڻ آهي _ اميد آهي ته ڊاڪٽر صادق ميمڻ اڳتي هلي پنهنجي اسپتال ۾ ئي جگر جي پيوندڪاري جو ڪارنامو سرانجام ڏيندو جنهن سان هتي جي مريضن کي ٻاهر وڃي ايڏو مهانگو خرچ نه ڪرڻو پوندو.ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستان سوسائٽي فار دي اسٽيڊي آف ليور ڊزيز جي صدر ڊاڪٽر سعيد حميد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سوسائٽِي جو اهم مقصد طب جي شعبي ۾ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ ، ڊاڪٽرن ۽ مريضن کي جگر جي بيماري جي سببن ، تشخيص ۽ روڪٿام لاءِ مڪمل آگاهي ۽ شعور فراهم ڪرڻ آهي .ڪانفرنس جي سائنسٽيفڪ سيشن کي انڊيا جي نيو دهلي اسپتال جي سرجن ڊاڪٽر اڀيشڪ يادوَ جنهن اڪيلي سر 300 کان وڌيڪ مريضن جي جگر جي پيوندڪاري جو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي چيو ته جگر جي بيماري جي وقت سر تشخيص ۽ ان جو مناسب طريقي سان علاج ڪرڻ سان ماڻهن کي ان بيماري کان بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته هن وقت انڊيا ۾ صرف ٻن وڏين اسپتالن ۾ جگر جي پيوندڪاري ڪئي پئي وڃي جڏهن ته فقط اپالو اسپتال ۾ هن وقت تائين ساليانو 1000 کان 1500 تائين مريضن جي جگر جي پيوندڪاري ڪئي وئي آهي جن مان 500 کان وڌيڪ مريضن جو تعلق پاڪستان سان آهي.هن جگرجي پيوندڪاري بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ انڊيا ۾ عضون جو عطيو ڪرڻ تي پابندي هجڻ سبب هاڻ صرف خاندان جو فرد ئي ڪنهن پنهنجي مٽ مائٽ کي عضو عطيئي طور ڏئي سگهي ٿو جڏهن ته ڪافي ماڻهو پنهنجو عضو عطيو ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا ۽ ڪيترائي ماڻهو ان موتمار بيماري جو کاڄ بڻجي رهيا آهن _ هن چيو ته جگر جو عطيو ڏيڻ سان جگر جي عطيئي ڏيندڙ کي ڪو به خطرو ناهي ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جگر ۾ اهڙي خاصيت رکي آهي جو جگر هميشه وڌندو رهندو آهي ۽ ان جو 60 سيڪڙو حصو ڪڍي مريض کي لڳايو ويندو آهي جنهن سان ٻنهي کي ڪو به نقصان ڪونهي ڇاڪاڻ ته جگر جو عطيو ڏيندڙ توڙي جنهن کي جگر لڳايو وڃي ٿو اهو هڪ سال اندر پنهنجي اصل حالت ۾ اچي ويندو آهي ۽ معمول موجب ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ جگر عطيو ڏيندڙ ۽ جنهن کي جگر لڳايو وڃي ٿو اهي هڪ سال بعد پنهنجي صحتمند معمول واري زندگي گذارڻ لائق بڻجي وڃن ٿا تنهنڪري جگر عطيو ڏيڻ وقت ڊڄڻ نه گهرجي ۽ پنهنجي پيارن لاءِ عطيو ڏيڻ کپي. هن پنهنجي خطاب ۾ جگر جي بيماري، ان جي علاج، پرهيز ۽ پيوندڪاري بابت مڪمل آگاهي ڏني ۽ ڊاڪٽرن کي پنهنجي تجربن ۽ تحقيق کان آگاهه ڪيو _ ان موقعي تي ڳالهائيندي اپالو اسپتال جي هڪ ٻئي سرجن ڊاڪٽر مانوو ٻڌايو ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ انڊيا جي ڪل آبادي جو پنج سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ ورتل آهن ۽ ان بيماري جي پکڙجڻ جا وڏا سبب عطائي ڊاڪٽر، نيم حڪيم ، حجام، گدلو پاڻي واپرائڻ سميت ماڻهن ۾ ان بيماري بابت بنيادي ڄاڻ نه هجڻ ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ اجايا ٽوڻا ڦيڻا ڪراڻا آهن _ هن چيو ته بينادي سهولتن جي اڻهوند ۽ وقت سر علاج نه ڪرڻ به اهم سبب آهي جنهن سان اهڙن مريضن جي انگ ۾ روزانو واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ خدشو آهي ته اها بيماري ڪڏهن پليگ وانگر تباهي نه مچائي ڇڏي تنهنڪري اسان سمورن کي گڏجي ان بيماري خلاف جنگ جوٽڻي پوندي _ هن ٻڌايو ته انڊيا ۾ به هن وقت جگر جي پيوندڪاري تي انڊيا جي ڪرنسي موجب 19 لک رپيا خرچ ٿئي ٿو جڏهن ته پاڪستان مان اپالو اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن جو 35 کان 45 لک تائين خرچ اچي ٿو
ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ٽرانسپلاٽيشن جي ڊاڪٽر زيغم عباس چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ اسلام جي شفا اسپتال ۽ سوٽ ۾ جگر جي پيوندڪاري ڪئي پئي وڃي پر مريضن جو انگ گهڻو هجڻ ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب مريضن جي لاچار انڊيا مان جگر جي پيوندڪاري ڪرائي پئي وڃي ان سلسلي ۾ جيڪڏهن حڪومت ساٿ ڏي ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ به اها سهولت فراهم ڪري سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ نه آهي پر فقط سرپرستي نه هجڻ سبب مريض ٻاهر علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن ڪانفرنس جي موقعي تي ڊاڪٽرن ۽ مريضن جي آگاهي واري نشست ۾ پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد لغاري ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد حسين لغاري ، پروفيسر ڊاڪٽر الهه بچايو ميمڻ ، ڊاڪٽر عامر غوري ، ڊاڪٽر رفيع غوري ، پروفيسر ڊاڪٽر بيکا رام کان علاوه ٻين ڊاڪٽرن پنهنجا ليڪچر پيش ڪيا ۽ ڊاڪٽرن توڙي مريضن جي پڇيل سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا جڏهن ته جگر جي بيماري جي تشخيص، علاج ۽ پيوندڪاري بابت پنهنجي تجربن کان آگاهي پڻ ڏني _ان موقعي تي انڊيا سميت ٻين هنڌن کان آيل مهمان کي اجرڪون ، ٽوپيون ۽ يادگار شِيلڊون پيش ڪيون ويون ۽ ائين اها ڪانفرنس پنهنجي پڄاڻي تي پهتي . [email protected]