جوھي

جوھي، نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو

عباس علي گاڏهي،جوهي

جوھي، نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
جوھي، نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
جوهي: ايس يو پي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جي قتل کي 9 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي، جسقم ۽ شهرين جو پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال اڳواڻن سلطان کچي،خادم باهوٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سياسي ڪارڪن کي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو سري عام قتل ڪيو ويو پر پوليس ايف آءِ آر ۾ ملوث جوابدارن جي سرپرستي ڪري رهي آهي ۽ نصرالله ڪنگراڻي جي قتل جي ڪيس کي لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته جوابدار ڌر شهر ۾ سري عام گهمي رهيا آهن هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ايس يو پي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل گرفتار ڪري ڪارڪنن ۽ شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button