جوھي

جوهي:ايس يو پي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا

عباس علي گاڏهي، جوهي

نصرالله ڪنگراڻي
نصرالله ڪنگراڻي
تعلقه اسپتال جوهي آڏو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل عزيز ڪنگراڻي جو ڀاءُ ۽ ايس يو پي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، جنهن خلاف ايس يو پي جي سڏ تي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران سلطان کچي،شفيع محمد گاڏهي، عبدالله کوسو، ذوالفقار رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول پاڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو جوهي دادو روڊ تي ڌرڻو هڻڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جوهي پوليس نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي هنن چيو ته ڊي آءِ بي برانچ دادو جي انچارج اڪبر لنڊ جي مداخلت سبب جوهي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيدگي ظاهر نه ٿي ڪري جنهن ڪري مقتول خاندان انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نصرالله ڪنگراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار جلد گرفتار ڪيا وڃن ۽ ڏوهارين جي پشت پناهي ڪندڙ پوليس آفيسر اڪبر لنڊ کي نه هٽايو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button