مختصر خبرون

بجليءَ جي ڪنڊي هڻڻ جي معاملي تان ٻن برادرين ۾ جهيڙو

بيورو رپورٽ، لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻي شهر ۾ بجليءَ جي ڪنڊي هڻڻ جي معاملي تان مستوئي ۽ جاگيراڻي برادريءَ وچ ۾ جهيڙو، فائرنگ، علائقي ۾ خوف، حراس، ايڊووڪيٽ سميت 3 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل، ٻنهين ڌرين پاران ٿاڻي تي هڪٻئي خلاف اين سي داخل، رحمت پور پوليس ڌرين جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي. تفصيل موجب گذريل ڏينهن رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ ٽرانسفارمر مان بجليءَ جي ڪنڊي لڳائڻ جي معاملي تان جاگيراڻي ۽ مستوئي برادريءَ جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ عبدالوحيد پٽ عبدالنبي مستوئي، ايڊووڪيٽ رفيق جاگيراڻي سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي چانڊڪا اسپتال جي حادثات واري شعبي ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته جهيڙو جا ڪيس هڪٻئي جي خلاف رحمت پور ٿاڻي تي داخل ڪرايا ويا آهن، پر رحمت پور پوليس ڌرين جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ مستوئي برادري جي ماڻهن عبدالنبي مستوئي، نويد علي مستوئي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته جاگيراڻي برادريءَ جي مانهن اسان سان ناجائزي ڪري گوليون هڻي عبدالوحيد مستوئي کي سخت زخمي ڪيو آهي، جنهن جو ڪيس رحمت پور ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي، پر پوليس جاگيراڻي برادريءَ جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن چيو ته پوليس جو اي ايس آءِ رفيق جاگيراڻي سرڪاري هٿيار استعمال ڪيو آهي ۽ ان سرڪاري هٿيار جي عبدالوحيد کي گولي لڳي آهي، پوليس جو اي ايس آءِ هجڻ جي ڪري رحمت پور پوليس ان جي خلاف ڪاروائي نه ٿي ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button