باڊھ

باڊهه: ڏوھن کي گھٽائڻ لاءِ شھري ۽ صحافين کي تعاون جي اپيل

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي پريس ڪانفرنس ڪري رھيو آھي
ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي پريس ڪانفرنس ڪري رھيو آھي
باڊهه: ڊي ايس پي ڏوڪري شوڪت علي شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري تعلقي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس باڊهه ۽ آسپاس جي ڳوٺن تي اوچتا ڇاپا هڻي منشيات، غيرقانوني هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪري پنج جوابدارن عرض محمد چانڊيو، رحمت الله ڏهوٽ، دلدار ڍڪڻ، فدا حسين کوکر، نيار چنو کي گرفتار ڪري باڊهه ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ڏوڪري شوڪت شاهاڻي، ايس ايڇ او باڊهه خالد حسين سرڪي ۽ ايس ايڇ او ڏوڪري اصغر بروهي سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪندي مختلف هنڌن تان ڇاپا هڻي هڪ رپيئٽر، 2 بندوقون، 7 موٽر سائيڪلون ۽ منشيات جنهن ۾ چرس، ڀنگ، آفيم سميت جوابدارن فدا کوکر، عرض محمد چانڊيو، رحمت الله ڏهوٽ ۽ ٻين کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جوابدارن وٽان چوري ۽ ڦر ٿيل 15 ڍور پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. ڊي ايس پي چيو ته قانون جي دائري ۾ رهي علائقي ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، عوام ۽ صحافين کي اپيل آهي ته اهي اسان سان تعاون ڪن ته جيئن علائقي ۾ امن امان بحال ڪرائي سماجي براين جو خاتمو آندو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button