مختصر خبرون

باڊهه: ڄامشورو جي سينيئر صحافي کي ملندڙ ڌمڪين خلاف صحافين پاران سخت احتجاج

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
باڊهه: ڄامشورو جي سينيئر صحافي علي مراد چانڊيي کي ملندڙ ڌمڪين خلاف باڊهه جي صحافين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن ۾ عبدالمجيد جهتيال، عزيز بروهي، خادم سومرو، مهراڻ چانڊيو، نظام ڪولاچي، فقير فياض ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته ڄامشورو پوليس ڪينٽين تي ويٺل صحافي کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي پنهنجي ڪڌي ذهنيت جو اظهار ڪيو آهي، هنن چيو ته قلم ڌڻين خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪئي وئي ته پوري سنڌ ۾ صحافي ڄامشوري پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندا، هنن وڌيڪ چيو ته صحافي کي ملندڙ ڌمڪين جي حيدرآباد ڊويزن جي اعليٰ انتظاميا جاچ ڪري ڄامشوري پوليس جي ڪن مهٽ ڪري صحافي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button