مختصر خبرون

ھنڱورجا: ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪوچ جي مسافرن کان ڦرلٽ

هنڱورجا: قومي شاهراهه تي نامعلوم هٿياربندن ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ کي يرغمال بڻائي مسافرن کان ڦر لٽ ڪرڻ بعد فرار، ڦريل مسافرن جو احتجاجي مظاهرو ڦر لٽ واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو.
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي رسول آباد ڀرسان 8 نامعلوم هٿياربندن ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ زميداره گرين کي ذبردستي هٿيارن جي زور تي روڪي ڊرائيور سميت سمورن مسافرن تي ڪنٽرول ڪري گاڏي کي قومي شاهراهه کان سيٺارجا لنڪ تي وٺي وڃي مڙني مسافرن کان هزارين روپيه روڪ رقم ، موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر لٽ ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جڏهن ته ڦريل مسافرن قومي شاهراهه تي پهچي ڦر لٽ واقعي خلاف احتجاج ڪيو ايس ايڇ او هنڱورجا پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڦريل سامان واپس ڪرائي ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو. واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button