مختصر خبرون

ھنڱورجا: سانحي عباس ٽائون ۾ شھيد ٿيل عبيدالله سومرو جو چاليھو ٿي گذريو

هنڱورجا: ڪراچي عباس ٽائون بم ڌماڪي ۾ شهيد جسقم اڳواڻ جو ٽيجهو سوين ماڻهن جي شرڪت ، جسقم جي سڏ تي هنڱورجا ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي قومي شاهراهه تي ڌرڻو
تفصيل موجب ڪراچي عباس ٽائون بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل جسقم اڳواڻ عبيد الله سومرو جو ٽيجهو هنڱورجا جي سومرا محلا ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر ، جسقم جي ڪارڪنن شهرين سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ سومرا برادي جي ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جڏهن ته جسقم ضلعي خيرپور پاران هنڱورجا ۾ ڏنل شٽربند هڙتال واري سڏ تي شهر جو سمورو ڪاروبار ۽ بازارون بند رهيون جڏهن ته جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر ، علي عثمان ميمڻ، ڪرم سامٽيو، يوسف ميمڻ، مجيب ڀيلار، منعان ميمڻ، زاهد شاهه، معشوق نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ بشير قريشي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ڌرڻي ۾ آبادگار اتحاد جي ڪانڊيرو خان سهتو، نظر لاڙڪ، خدابخش سهتو، لونگ حطار، ممتاز سهتو، حاجي چانگ جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ هارين شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوفين ، درويشن جي زمين آهي ان ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏئي بيگناهه انسانن جو خون ڪيو پيو وڃي. عباس ٽائون واقعو رياستي ناڪامي آهي جسقم جي شهيد عبيد الله سومرو جي ڏنل قرباني رائگان نه ويندي ڇوته هو سائين جي ايم سيد جو سچو سپاهي هيو جيڪڏهن ان جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته ٻيهر قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button