سکر

ڪچا بندر ايڪشن ڪميٽي پاران پنجين ڏينهن به بک ھڙتال

بيورورپورٽ ،سکر
متاثرين ڪچا بندر ايڪشن ڪميٽي پاران پنجين ڏينهن به معاوضي جي عدم ادائيگي جي خلاف سکر پريس ڪلب جي آڏو اصلاح Kacha bunder residents (640x239)الدين شيخ جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي، متاثرين سينيٽر اسلام الدين شيخ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ سکر انتظاميا جي چونڊيل نمائندن کي متوجه ڪيو آهي ته ايندڙ 2 7 ڪلاڪن ۾ جي اندر متاثرين کي ادائيگي نه ڪئي وته متاثرين سکر هائوس جي ٻاهران مرندي دم تائين بک هڙتال ڪئي ويندي، ۽ ان جو گهيرائو ڪيو ويندو، پوءِ به معاوضي جي ادائيگي نه ڪئي وئي ته متاثرين خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، متاثرين ڪچا بندر ايڪشن ڪميٽي جي بک هڙتال جي دوران آواز حق پيس فائونڊيشن جي سيڪريٽري شعيب انصاري، ميراڻي اتحاد جي رابطه سيڪريٽري پناه ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪري مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو، ۽ مطالبو ڪيو ته متاثرين ڪچا بندر ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا پورا ڪيا وڃن، جڏهن ته ڪچا بندر متاثرين ايڪشن ڪميٽي جي صدر اصلاح الدين شيخ، خدابخش سولنگي، سليم انصاري، فياض حسين، انيسه بيگم ۽ ٻين چيو ته ڪچا بندر جي بي گهر ماڻهن کي معاوضو نه ڏئي ڪري انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي ۽ پنهنجي ووٽرن جي توهين ڪئي وئي آهي، گذريل ٻن سالن کان مسلسل احتجاج ۽ مطالبن ڌيان نه ڏيڻ افسوس ناڪ ۽ قابل مذمت آهي، متاثرين ڪچا بندر ايڪشن ڪميٽي پاران بک هڙتال ڪيمپ ۾ سيد خورشيد شاهه جي حق ۾ ۽ اسلام الدين شيخ ۽ نعمان اسلام شيخ جي خلاف نعري بازي ڪئي، متاثرين ڪچا بندرپاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کان مطالبو ڪيو ته سکر جي عوام دشمن چونڊيل قيادت جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button