شهدادڪوٽ

ڪراچي عباس ٽائون سانحوشيعه ٽارگيٽ ڪلنگ آھي، شيعه علماء ڪائونسل

Shia Killingشهدادڪوٽ: شهدادڪوٽ ۾ ڪراچي عباس ٽائون واقعي خلاف شيعه علماءِ ڪائونسل جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، شيعه برادريءَ جي ماڻهن غلام سرور نقوي،نياز حسيني ،سيّد اڪبر علي شاهه، صابر حسيني، ڊاڪٽر شريف ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ امام بارگاهه دربارِ حيدر کان احتجاجي جلوس ڪڍي شهر جي قبي سعيد خان بس اسٽينڊ وٽ پهچي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي عباس ٽائون سانحو حڪمرانن جي نااهلي ۽ شيعه ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، اڳواڻن واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڪوئٽيا ۾ سوين ماڻهن کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ دهشتگردن ڪربلا برپا ڪئي آهي، هنن واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪري سري عام لٽڪائڻ جي گهر ڪئي آهي،هنن شيعه ٽارگيٽ ڪلنگ بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجو دفاع پاڻ ۽ سخت احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button