اليڪشن 2013ھنڱورجا

پ پ کي شڪست ڏيڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، فضل علي شاهه

فضل علي شاهه
فضل علي شاهه
هنڱورجا: اين اي 217 جي پ پ اميدوار پير سيد فضل علي شاهه جيلاني چيو آهي ته پ پ کي شڪست ڏيڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ايندڙ چونڊن ۾ پ پ اميدوار ڪاميابي حاصل ڪندا. پارٽي ورڪرن جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پ پ حڪومت ۾لکين ماڻهن کي روزگار ڏنو ويو ۽ لکين عورتن کي وظيفا ڏنا ويا ۽ غريب عورت هارين ۾پهريون ڀيرو مفت زمين ڏني وئي پ پ جو ٽانگا پارٽيون مقابلو نٿيون ڪري سگهن. چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٻيهر تڪ جي عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪندس. تعلقي ڪنگري، صوڀوديرو، گمبٽ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي ، روڊ ۽ ترقياتي اسڪيمن جي ڪم ڪرايا ويا ۽ رهيل ڳوٺن کي به بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button