مختصر خبرون

پ پ پ ملڪ جي عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي، سيد علي نواز شاهه رضوي

حيدرآباد : صوبائي وزير ٻيلو کاتو سيد علي نواز شاهه رضوي چيو آهي ته پ پ پ جي موجوده جمهوري حڪومت پنهنجي 5سالن واري مدي دوران ملڪ جي عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي ۽ مسقبل ۾ پڻ اقتدار ماڻي عوام جي خدمت جو سلسلو جار رکيو ويندو هن چيو ضلعي ٽنڊو الهيارجي حلقي پي ايس 51 ۾ مالي سال2011 کان 13-212 تائين ضلعي جي 14 ڳوٺن ۾ 8 ڪروڙ 29 لک روپين جي لاڳت سان نئوان روڊ تعمير ڪيا ويا آهن اهڙو اظهار هن اڄ ضلعي ٽنڊو الهيار جي تعلقي جهنڊو مري جي مختلف ڳوٺن ۾ تعمير ڪيل روڊن جي افتتاحي تقريبن دوران عوام کي خطاب ڪندي ڪيو صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت صدر آصف علي زرداري جي مدبرانه قيادت ۽ سندس دانشمنداڻي پاليسين تحت پنهنجا 5سال پور ڪري رهي آهي ۽ انهن 5سالن دوران موجوده حڪومت پاران عوام کي روزگار ،بجلي ،گئس ،رستن ۽ اسڪولن جهڙيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ ان سان گڏ و گڏ غريب ماڻهن جي مالي مدد پڻ ڪئي وئي آهي ان موقعي تي صوبائي وزير تعلقه ايڊمنسٽريشن جهنڊو مري پاران 50 لک روپين جي لاڳت سان ٽنڊو آدم کان ڳوٺ الهواريو مير جت روڊ جو افتتاح ڪيو ڳوٺ حاجي فقير آرائين ۾ بجلي جي فراهمي واري اسڪيم جو افتتاح بعد صوبائي وزير ڳوٺ داسوڙي ۾ بنيادي صحت مرڪز جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي پ پ پ ضلعي ٽنڊوالهيار جو صدر علي محمد ولهاري ، پ پ پ جو اڳوڻو ضلعي صدر سيد ضياءَالدين شاهه رضوي ۽ ٻيا ضلعي اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button