لاڙڪاڻو

پ پ پ جا پراڻا جيالا آهيون، پارٽي نظرانداز ڪيو، مگسي برادري

بيورو رپورٽ، لاڙڪاڻو
3LRK-4 (640x339)پيپلز پارٽي جا پراڻا جيالا، ووٽر نظر محلي جي مگسي برادريءَ جي اڳواڻن ذوالفقار مگسي، نديم، محرم صدر الدين محمد صالح مگسي گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي جي مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي ايس 36 تان چونڊيل سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو کي ووٽ ڏنا ويا ۽ پ پ پ جا پراڻا جيالا آهيون، پر گذريل 5 سالن جي اندر اسان کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي، خاص ڪري يونين ڪائونسل 5 جي محلي واسين توڙي مگسي برادريءَ جي ماڻهن کي هڪ به نوڪري نه ڏني وئي آهي، نه ئي وري علائقي جي اندر ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، شڪايتن باوجود به ڪوبه ازالو نه ڪيو ويو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان جا 3 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، جن جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي 3 مهينا گذرڻ باوجود به گرفتار نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قتل ٿي ويلن ۾ بخت حسين مگسي، نصير احمد مگسي، معصوم سهانا مگسي شامل آهن ۽ انهن جي تعزيت جي لاءِ به تڪ جو چونڊيل نمائندو اسان وٽ لڙي نه آيو آهي ۽ اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو آهي، پر پوءِ به ازالو نه ٿو ڪيو وڃي، هنن گهر ڪئي ته قتل ٿي ويل ٽن ڄڻن جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ۽ مسئلا حل نه ڪيا ويا ته ٻي صورت ۾ 10 مارچ تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزار ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي آڏو مگسي برادريءَ پاران احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button