مختصر خبرون

پ پ سرڪار دهشتگردن آڏو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آھي، عبدالله شر پير

جو ڳوٺ: نواز ليگ اڳواڻ عبدالله شر چيو آهي ته پ پ سرڪار دهشتگردن آڏو ڪنڌ جھڪائي معصوم شهرين جي قتل عام کي تماشي جيان ڏسي رهي آهي جيڪا سرڪار جي کلي ناڪامي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردن جو راڄ قائم ٿي چڪو آهي جنهنڪري ملڪ جو عوام پ پ سرڪار مان بيزار آهي هن اهڙو اظهار پيرڳوٺ لڳ وڏا مهيسر ۾ پارٽي ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته سرڪار عوام کي امن امان ڏيڻ بدران روز لاشا ڏياري رهي آهي جيڪا انتهائي افسوس توڙي مذمت جهڙي ڳالهه آهي هن چيو ته پ پ جي ناقص ڪارڪردگي جو جواب عوام کيس ايندڙ اليڪشن ۾ ضرور ڏيندو. ان موقعي تي نواز ليگ اڳواڻ ايڊوڪيٽ منظور مهيسر، سعد الله مهيسر توڙي ٻيا پڻ گڏ ها.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button