اليڪشن 2013ھنڱورجا

پ پ ختم ڪرڻ جون ڳالهيون احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا، نثار احمد شر

نثار شر
نثار شر
هنڱورجا: پي ايس 33 ٺري ميرواهه تڪ جي امڪاني پي پي اميدوار نثار احمد شر چيو آهي ته جيڪڏهن پارٽي ٽڪيٽ ڏني ته چونڊ کٽي عوام جي ڀرپور نموني سان خدمت ڪندس رسول آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ عوامي سمنڊ آهي ان کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ملڪ جو غريب عوام متحد ۽ منظم آهي موجودهه پي پي حڪومت عوام جي خدمت ڪئي آهي لکين بيروزگارن کي روزگار سان لڳايو ويو آهي ۽ لکين عورتن تي بينظير انڪم سپورٽ پرگرام تحت ماهوار وظيفو ڏنو وڃي ٿو پي پي خلاف ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ وڏا اتحاد ٺهيا هيا پر پ پ اڪيلي سر سڀني اتحادين کي شڪست ڏيندي هن چيو ته ٺري ميرواه تعلقو ضلعي جو سڀ کان پٺتي پيل آهي ان جي ترقي لاءِ ڀرپور نموني ڪوشش ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button