اليڪشن 2013مورو

پ پ حڪومت سنڌ کي پنجن سالن ۾ ڪرپشن، بک بدحالي، چورين ڦرن کانسواءِ ڪجھ نه ڏنو،غلام مرتضى خان جتوئي

جاويد ڪانڌڙو، مورو

غلام مرتضى خان جتوئي
غلام مرتضى خان جتوئي
سنڌ ۾ نگران وزير اعلى زاهد قربان علوي جي مقرري پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي مِلي ڀگت آهي اليڪشن ۾ هٿ ٺوڪيا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجو نگران سيٽ اپ آندو آهي اسان ان نگران سيٽ اپ کي نٿا مڃون پ پ حڪومت سنڌ کي پنجن سالن ۾ ڪرپشن، بک بدحالي، چورين ڦرن کانسواءِ ڪجھ نه ڏنو، عوام هن اليڪشن ۾ سوچي سمجهي ووٽ نه ڏنو ته هن ملڪ جو خدا حافظ آهي اين پي پي چيئرمين غلام مرتضى خان جتوئي جي پريس ڪانفرنس؛ تفصيل موجب اين پي پي چيئرمين غلام مرتضى خان جتوئي ڪچي جي ڳوٺ محمد جويو ۾ علي نواز جويو، غلام مصطفى جويو ۽ ڊاڪٽر بهادر جويو پاران ڏنل مانجهاندي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ سِڪي جا ٻه پاسا آهن تقريبن پنج سال پاڻ ۾ گڏ رهڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ڍونگ رچائي سنڌ ۾ پنهنجي مرضيءَ جو نگران وزير اعلى مقرر ڪرايو آهي ۽ هي چاهين ٿا ته نگران سيٽ اپ وسيلي اليڪشن ۾ پنهنجا من پسند نتيجا حاصل ڪيون، پر اسان هن سيٽ اپ کي نه ٿا مڃون جنهن جي لاءِ پير صاحب پاڳارو اعلان ڪري چڪو آهي ته نگران سيٽ اپ جي اسان ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين، هن چيو ته پنجن سالن ۾ پ پ حڪومت عوام کي بک بدحالي ۽ ڪرپشن کانسواءِ ڪجھ به نه ڏنو آهي هنن صرف کائو ۽ کارائڻ واري نعري تي عمل ڪيو جنهن جي ڪري ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي ۽ ملڪ جي خزاني کي ٻنهين هٿن سان ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي پ پ حڪومت ويندي ويندي به سنڌ سان دشمني جي روايت برقرار رکندي سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرايا آهن جنهن جي خلاف اسان اسمبلي ۾ آواز اٿاريو ۽ عوام سان گڏ روڊن تي سخت احتجاج ڪري حڪومت کي ٻٽي نظام وانگر ٻيٽ وڪرو ڪرڻ وارو فيصلو به واپس وٺڻ تي مجبور ڪنداسين هڪ سوال جي جواب ۾ غلام مرتضى خان جتوئي چيو ته هن وقت سنڌ جو عوام باشعور ۽ سمجهدار آهي ۽ مڪروھ چهرن کي چڱيءَ ريت سڃاڻي چڪو آهي ۽ ڪنهن جي به دلاسن ۾ اچڻ وارو نه آهي اگر هن اليڪشن ۾ به عوام سنڌ جي غدارن ۽ عوام سان دوکو ڪندڙن کي ووٽ ڏنو ته پوءِ اسان جا ايندڙ نسل سورن ۾ هوندا ۽ هن ملڪ جو خدا حافظ هوندو هن سنڌ جي ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيو ته هن اليڪشن ۾ بي داغ ماضيءَ سنڌ جي همدردن کي ووٽ ڏئي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪن ته جيئن ملڪ ڌٻڻ مان نڪري ترقي جي راھ گامزن ٿئي، ان موقعي تي علي نواز جويو، علي مردان جويو، غلام حسين جويو، ڊاڪٽر بهادر جويو، سرائي غلام مصطفى جويو، منير جويو، محمد جمن جويو، منير احمد جتوئي، نعيم الرحمان، پير مظفر حسين شاھ، سائين امير علي شاھ، علي شير ڏيپر، اختر لغاري، غلام نبي گبول، وحيد رزاق مستوئي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button