آرٽيڪلاليڪشن 2013

پ پ جا پنج سال ۽ ايندڙ اليڪشن بابت رپورٽ

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
Badah; Candiate PS 41and NA  205 by Abdul Majeed Jhatial  Badah 20-03-2013 (640x159)لاڙڪاڻي پرڳڻي شهيد بينظير ڀٽو جي اباڻي تڪ تي اين،اي 205 ۽ پي،ايس 41 ڏوڪري، باڊهه، نصيرآباد ۽ وارهه تان چونڊيل ايم،اين،اي نظير ٻگهيو ۽ ايم،پي،اي عزيز جتوئي پنج سال پورا ٿيڻ باوجود اڃا تائين غائب آهن، جيڪي گذريل پنجن سالن کان ڪڏهن به پنهنجي تڪ ڏانهن لڙي نه آيا آهن ۽ نه ئي عوامي مسئلن کي ترجيح ڏيندي پنهنجي تڪ ۾ ڪا کليل ڪچهري ڪئي، جنهن سبب ڄاڻايل تڪ جو عوام چونڊيل نمائيندن کان سخت چيڙاڪ ۽ بيزار بڻيل آهي.اليڪشن جا ڏينهن ويجهو اچڻ شرط مختلف پارٽين جا اڳواڻ سرگرم ٿي ويا آهن ۽ مختلف ماڻهن سان همدريون ڪرڻ لڳا آهن.ان حوالي سان هن دفعي سياسي صورتحال ڪافي تبديل نظر پئي اچي، پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ اڳوڻو ايم،اين،اي حزب الله ٻگهيو، اڳوڻو صوبائي وزير الطاف حسين انڙ ۽ نظير احمد ٻگهيو ٻيهر ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. جڏهن ته ٻين پارٽين مان ف ليگ جو شفقت حسين انڙ، سرفراز خان ٻگهيو، سيد اڪبر حسين شاهه راشدي پڻ هن تڪ تي گهڻا سرگرم نظر اچي رهيا آهن جن جون پڻ سياسي سرگرميون عروج تي آهن. پر افسوس جو پ پ پ جا چونڊيل نمائيندا جيڪي اڃا تائين غائب آهن سي وري ظاهر نه ٿيا آهن،هن تڪ تان چونڊيل ايم،اين،اي نظير ٻگهيو جيڪو تعلقي باقراڻي سان تعلق رکندڙ آهي سو به ڪڏهن هن تڪ ڏانهن لڙي نه آيو آهي، جڏهن ته ايم، پي، اي عزيز جتوئي جنهن کي عوام ڪڏهن به اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي نه ڏٺو آهي سو پڻ اڃا تائين ظاهر نه ٿي سگهيو آهي.پنجن سالن دوران ڄاڻايل تڪ اڻکٽ مسئلن جي ور چڙهيل رهيو جنهن تي چونڊيل نمائيندن جو ڪوبه ڪردار نظر نه آيو. شهرين منور نوناري، امجد منگي، عزيز بروهي، اصغر نوناري، اسد گوپانگ، سليم مشوري ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته تڪ چونڊيل نمائيندن جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب مسلسل مسئلن جي گهيري هيٺ آيل آهي، پر افسوس جو نااهل چونڊيل ايم،اين،اي ۽ ايم،پي،اي صرف ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن سي ڪڏهن به شهرين وٽ لڙي نه آيا آهن ۽ نه ئي انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده ڪوشش ڪئي، هنن چيو ته اسين هن دفعي ساڳين نمائيندن کي ڪڏهن به ووٽ نه ڏينداسين، هن دفعي سوڇي سمجهي ووٽ ڪاسٽ ڪيو ويندو، ڇو ته هر دفعي مٺڙا دلاسا ڏئي شهرين کان ووٽ وٺي انهن جي اعتماد سان دوکو ڪيو ويو آهي جيڪو هاڻي ٿيڻ نه ڏنو، هوڏانهن اليڪشن جا ڏينهن اچڻ شرط مختلف پارٽين سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ پڻ سرگرم ٿي ويا آهن، جڏهن ته سنڌ ٽاڪس سروي موجب اهي به چوٻول هلي رهيا آهن ته هن شهر ۾ آزاد اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر هن وقت تائين ڪو به اهڙو ڪو به اميدوار سامهون نظر نه اچي سگهيو آهي، باڊهه شهر کي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران 2007 واري اليڪش کٽڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو ته اڄ کان پوءِ باڊهه شهر تعلقو آهي پر 5 سال گذرڻ جي باوجود هن شهر کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو آهي، ڇا اها جمهوري حڪومت آهي جو ڪوڙا اعلان ڪيا وڃن، باڊهه جا شهري هن کي ٻٽو نظام سمجهن ٿا، پ پ ڪمزور هجڻ ڪري قومپرستن جو ووٽ بئنڪ ڪجهه ٺهي سگهيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڏسون ٿا 11 مئي تي جيڪو اعلان ڪيو ويو آهي، اليڪشن جو ڏسون ته ڪير ٿو کٽي ڪير ٿو هارائي، پ پ پارٽي هن شهر ۾ هڪ رپئي جو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي، ترقياتي ڪم پنهنجي جاءِ سنڌ جي تعليم ڏينهون ڏينهن پوئتي آهي پر هن شهر ۾ پ پ وارا هڪ پبلڪ لائبريري به بحال نه ڪرائي سگهيا آهن، انهن کي ايندڙ اليڪشن ۾ وڏي شڪست ڏسڻ جو امڪان آهي، پي 41 تي فنڪشنل ليگ جو اڳواڻ شفقت انڙ، ايس يو پي جو سليم رضا مشوري، ايس ٽي پي جو ديدار جلباڻي ميدان تي لٿل آهن، باقي حڪمران ڌر جو ڪو به چونڊيل هن شهر ڏانهن گذريل 5 سالن ۾ لڙي ڪو نه آيو آهي، وڌيڪ نيجا ايندڙ اليڪشن ۾ ڏسي سگهون ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته هي ڀوتارڪي نظام مان اسان ڪڏهن جان ڇڏائينداسين، خدا ته ائين ٿو چوي ته اوهين پينو ناهيو اوهان کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button