اليڪشن 2013ھنڱورجا

پ پ اقتدار ۾ اچي سنڌ جو سودو ڪيو، محرم علي شاهه

محرم علي شاهه
محرم علي شاهه
هنڱورجا: فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه پارٽي اميدوارن جي چونڊ سرگرمي تيز ڪندي مختلف علائقن ۾ ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن سان گڏجاڻيون ڪري فنڪشنل ليگ اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ زور ڀريندي چيو ته پ پ اقتدار ۾ اچي سنڌ جو سودو ڪيو انهن سنڌ کپائيندڙ پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ بدران فنڪشنل ليگ اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وڃي. ايندڙ سنڌ حڪومت فنڪشنل ليگ جي هوندي ۽ وزيراعلي سنڌ اسان جي پارٽي جو هوندو پير پاڳاري جي قيادت ۾ عوام سان ڪوڙا واعدا ڪندڙ پ پ اميدوارن کي فنڪشنل ليگ اميدوار شڪست ڏيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button