اليڪشن 2013ھنڱورجا

پي پي جا اميدوار اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا، ميڊم بچل ڪٻر

بچل ڪٻر ۽ زرينا لاشاري
بچل ڪٻر ۽ زرينا لاشاري
هنڱورجا: پي پي ايم پي اي جي اميدوار ۽ پي پي ليڊيز ونگ جي ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري ميڊم بچل ڪٻر چيو آهي ته پي پي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ان جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي مخالفن کي تاريخي شڪست ڏيندا. ايم پي اي جي مخصوص سيٽ تي فارم جمع ڪرائڻ کان پوءِ هنڱورجا پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي معاشري ۾ عورتن جي مٿان ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا وڃن ٿا چونڊجي اسيمبلي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ پل پاس ڪرائيندس هن چيو ته ڪاروڪاري ، عورتن مٿان ذهني ۽ جسماني تشدد وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڀرپور نموني ڪوشش ڪئي ويندي پي پي ملڪ جي واحد پارٽي آهي جنهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ جي نالي تي ملڪ جي لکين عورتن کي هر مهيني وظيفو ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته پارٽي قيادت هن ڀيري اسيمبلي جون نون چهرن کي ٽڪيٽون ڏنيون ته اهي وڌيڪ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهندا . ٺري ميرواهه جو علائقو پسماندهه علائقو آهي ان جا مسئلا تمام گهڻا آهن جيڪي حل نه ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button