سکر

پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ بري طرح شڪست ملندي، پيرصبغت الله شاهه راشدي

عمر سومرو، سکر

پير صاحب پاڳاري جو پارٽي جي عھديدارن سان گروپ ڦوٽو
پير صاحب پاڳاري جو پارٽي جي عھديدارن سان گروپ ڦوٽو
مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ مان بري شڪست نصيب ٿيندي ۽ مسلم ليگ فنڪشنل پيپلز پارٽي کي تاريخي شڪست ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام واپس وٺڻ جو فيصلو ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ مان سندن ناڪامي جي ڪري ڪيو ويو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ فنڪشنل سکر ڊويزن جي صدر سيد اجمل حسين شاهه موسوي ۽ تعلقه صدر سيد غضنفر شاهه موسوي پاران ملاقات دوران ڪيو، پير پاڳاري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي 5 سالن جي دور اقتدار دوران عوام جي ڪي به بنيادي مسئلا حل نه ٿيا آهن، جنهن ڪر ي عوام پيپلز پارٽي حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي، ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد مٺايون ۽ شڪراني جا نفل ادا ڪيا آهن، حڪمرانن 5 سالن جي دوران ايتري مهانگائي ڪري جگر جا ٽڪرا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن ۽ حڪمرانن عوام کي ڪو به ريليف فراهم نه ڪيو، هن مسلم ليگ فنڪشنل جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته مسلم ليگ فنڪشنل جو پيغام ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائين ۽ سڄي سنڌ ۾ عوامي رابطه مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿئي، هر تڪ تي صلاح مشوري بعد اميدوار بيهاريا ويند ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اتحادين سان ڀرپور تعاون ڪنداسين، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جو عوام مسلم ليگ فنڪشنل جي اميدوارن کي ڪامياب بڻائي، ۽ مسلم ليگ فنڪشنل ئي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button