شهدادڪوٽ

پيپلز پارٽي حڪمرانن ملڪ جو ستيو ناس ڪري ڇڏيو، ن ليگ

ضمير کرل، شهدادڪوٽ

پيپلز پارٽي حڪمرانن ملڪ جو ستيو ناس ڪري ڇڏيو، ن ليگ
پيپلز پارٽي حڪمرانن ملڪ جو ستيو ناس ڪري ڇڏيو، ن ليگ
شهدادڪوٽ ۾ نواز ليگ پاران پ پ حڪومت جي خاتمي تي يومِ نجات ملهائيندي ريلي ڪڍي جشن ملهايو ويو، نواز ليگ ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن مير غيبي خان مغيري،جسقم اڳواڻ ذوالفقار مگسي،نواز ليگ سٽي صدر رونق علي شاهه، ايڊووڪيٽ عبدالوهاب کوسو،محبوب لوڌي،يونس عمراڻي، ڪرم هسباڻي،منور منگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مغيري هائوس کان ويلي ڪڍي شهر جي مختلف رستن جي گشت ڪرڻ بعد ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي دهل ۽ شرناين جي ڌن تي جهمريون هنيون ۽ مٺائي پڻ ورهائي وئي، جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي حڪمرانن ملڪ جو ستيو ناس ڪري ڇڏيو، سندن رڪارڊ ڪرپشن سبب ملڪ ۾ مهانگائي،بک بدحاليءَ جو ريشو وڌيو، هنن چيو ته جيڪو ڪم ضياءُ الحق نه ڪيو اهو ڪم پ پ حڪمرانن سنڌ جي عوام کي ڪري ڏيکاريو، هنن چيو ته سندن غلط پاليسين سبب ملڪ جو عوام ڏچي ۾ آهي، سنڌ جو عوام بيروزگاري،بد حالي سبب خيرات پنڻ تي مجبور آهي، هنن چيو ته پ پ حڪمرانن جي خاتمي سان عوام جو ڇوٽڪارو ٿيندو هنن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ناڪامي نصيب ٿيندي ۽ نواز ليگ اميد وار اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ڏتڙيل عوام جا مسئلا حل ڪندا، ان موقعي تي واڳي تنوير علي چوڍيو قومي گيت پيش ڪري ماڻهن کي جومائي ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button