آرٽيڪلفن ۽ فنڪار

”پير محمد کان پيرل قمبر تائين جو سفر“

سنڌ سڳوري صدين کان وٺي صوفيه مزاج بزرگن شاعرن ۽ قلمڪارن جو ماڳ رهي آهي. سنڌ جي تاريخ تي جڏهن به نظر ڊوڙائبي ته ڪيترن ئي بزرگن، شاعرن ۽ قلمڪارن جا پيغام ملندا. جنهن پنهنجي ڏات وسيلي ڌرتي ۽ ڌرتي جي مظلوم ماروئڙن جي خدمت ۽ ترجماني ڪئي آهي. اهڙين شخصيتن تاريخ جي سونهري ورقن ۾ وڏو مانُ مرتبو ماڻيو آهي، اهڙن ڏات ڌڻين ۾ استاد پيرل قمبر جو نالو به سونهري اکرن ۾ لکيو وڃي ٿو.
اچو ته سندس زندگي تي نظر وجهون:-
استاد پيرل قمبر 17 جولاءِ 1933ع ۾ تعلقي ميرو خان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بُٺي (لڳ مبارڪ ڪلهوڙو) ۾ امام بخش سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. امام بخش سومرو کي 2 پُٽن جي اولاد هئي، جنهن مان وڏي فرزند جو نالو پيرمحمد رکيائون ۽ ننڍڙي پُٽ جو نالو مولا بخش سومرو رکيائون.Ustad Peeral Kamber ji hayati ji Tasveer
پير محمد پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ بُٺي ۾ حاصل ڪئي، ان کان بعد سندس والد پنهنجي ڪُٽنب سميت پنهنجا اباڻي ڪَکَ ڇڏي، قمبر جي علي خان محلي ۾ اچي رهائش پذير ٿيا.
امام بخش پيشي جي لحاظ کان پنهنجي ڪُٽنب جي گذر سفر لاءِ خان صاحب دوست محمد خان هڪڙي جي (ڇَڙائي پِيسائي) واري مشين تي منشي طور ڪم ڪندو هو.
ان دوران پير محمد جي تعليم جي جاري رکي ۽ انگريزي جا ٽي درجه قمبر شهر ۾ پڙهايائين.
قمبر ۾ رهائش دوران 1950ع ۾ کيس مجازي عشق پير محمد کي پيرل قمبر بڻائي ڇڏيو،. پيرل قمبر 1953ع ۾ خان صاحب دوست محمد هڪڙي جي ڪوششن سان پنهنجي قمبر جي پاڙي علي خان ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. ان کان بعد پيغمبري پيشي هجڻ دوران ڪيترن ئي شهرن ۾ سندس خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو.
پاڻ استاد هوندي سنڌي تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪري ڪيترائي ذهين شاگرد پيدا ڪيائين.
هو اسڪولي ۽ شاعري جي شاگردن جي وچ ۾ اڪثر ڪري مقابلا ڪرائي کين پنهنجي ذاتي پئسن مان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏيندو هيو.
استاد پيرل قمبر سخي مرد ۽ نيڪ دل انسان هيو ٻاهران ڪيترن ئي شهرن کان ڪهي آيل شاعرن فنڪارن ۽ سگهڙن کي راتين جون راتيون رهائيندو هيو ۽ استاد پيرل قمبر زندگي جي آخري رات به مهمانن جي ميزباني ڪندي گذاريائين.
اچين جي منهنجي اڱڻ تي احترام ٿي سگهندو،Ustad Peeral Kamber. (640x458)
سُڪل هٿن سان به توکي سلام ٿي سگهندو. (پيرل قمبر)
پاڻ تمام مهمان نواز، سخي دل ۽ درويش صفت انسان هئا. سندس کاڌي ۾ دال چانور ۽ ڪريلا تمام پسند هوندا هئس. جڏهن ته پاڻ چانهه جو وڏو شوقين هو.
استاد پيرل قمبر کي راندين ۾ ڪرڪيٽ جي راند تمام پسند هوندي هئس. پاڻ ۽ فدا حسين خان هڪڙو وقت جا سٺا رانديگر رهيا.
سندس شاعري جو معيار اهڙو هو جو ان جي ٻيڙي دکائڻ کان ختم ٿيڻ تائين ڪو نه ڪو غزل گيت، ڪافي، وائي يا چئو سٽو تيار ڪري وٺندو هو.
استاد پيرل قمبر جي ديواني دل مجازي عشق کانپوءِ پهريون دفعو هي ڪافي لکي هئي.
اديون ڀينر مونکي عشق انڌو ڪيو،
ڪچو گهڙو نه ته ڪير کڻي.
1978ع، ۾ جڏهن پنهنجي پيغمبري واري پيشي کان رٽائر ٿيا ان کان بعد ۾ پنهنجي والد ۽ ننڍي ڀاءُ مولا بخش سان گڏ شهدادڪوٽ ۾ اچي رهائش پذير ٿيا. پر قمبر سان ساڳيو قرب ۽ ناتو رهيو، جنهن جو مثال هن شعر مان لڳائي سگهجي ٿو.
ٻيا به آهن شهر سو به سي تي اکين تي يار پر،Ustad peeral kamber jo 2nd Kitab Sajdo Udass Aa jo Title (640x480)
مان ئي هان پيرل قمبر منهنجو قمبر سان سر لڳي.
استاد پيرل قمبر کي شعر چوڻ جو پنهنجو نرالو انداز هو تنهن ڪري هو هر محفل تي ڇائنجي ويندو هو.
پاڻ نئين ٽهي جي نوجوانن کي شاعر، اديب، استاد ۽ بهترين انسان بڻائڻ جي وڏي خواهش رکندا هئا.
شهدادڪوٽ جي ڪمبوهه محلا ۾ واقع سندس اوطاق تي هر صبح ۽ شام ڄڻ ڪي ادبي محفل جو اهتمام ٿيل هوندو هو. چوڌاري نوان نوان اديب، شاعر ۽ موسيقار پنهنجي ڪاوشن سان محفل کي گرمائيندا رهندا هيا.
وچ ڪمري ۾ رکيل کٽ تي هڪ ساده مزاج، فقير طبع ۽ چمڪندڙ اکين سان هي انسان ڪنهن سوچ ۾ مبتلا خالي پنن تي ڪجهه نه ڪجهه تحرير ڪندو رهندو هيو.
ڪڏهن ڪڏهن محفل ۾ ويٺل ڪو شاگرد کيس ”استاد“ چئي سندس خيالن جي تسلسل کي ٽوڙي وجهندو هو. ته پاڻ کين جواب ڏئي وري سوچ جي ساگر ۾ گُم ٿي ويندا هئا. ۽ رواني سان پنهنجي قلم وسيلي پنن مٿان پنان لکندا هئا. کيس پنهنجي صحت ۽ وقت جو ڪو فڪر ڪو نه هوندو هيو. پاڻ پريشان حال هئا، پر سندس خيال ۽ فڪر جوان هئا هو فقير ۽ سخي مرد قوم کي امن ۽ محبت جو پيغام پنهنجي شعرن وسيلي ڏيندو رهندو هيو. سندس شعر جو معيار هڪ اهڙي تيز رفتار تير برابر آهي، جيڪو ڪمان مان نڪري پوري نشان تي وڃي لڳي ٿو.
کڻي ڏيو ايڪو، عمل، فرض ۽ ذهن، محنت
سَرِ تعليم جو نئون مان ڪري ڪو ” لا “ ٺاهيان.
ويــهو نه يـــار وانــدا اســــان جي مڪتب ۾،
کڻي ڏيـــو قـــوزي ۾ قـطـرو ته مــان دريــــاءَ ٺاهيان.
استاد پيرل قمبر پنهنجي جياپي ۾ ئي ”بزم پيرل قمبر“ جو بنياد وڌو هيو. جيڪا هاڻي با ضابطه طور تي پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت جي نالي سان ڪم ڪري رهي آهي.
پاڻ شاعري ۾ پنهنجو مثال پاڻ هئا، جن سنڌي ٻوليءِ ۽ شاعري کي پنهنجي لازوال ڪوتا سان اڃان به وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو.ustaad peeral qambar (640x480)
استاد پيرل قمبر جي شاعري جو تعداد جهجهي مقدار ۾ موجود آهي. جيڪو 43 صنفن ۾ آهي، استاد پيرل قمبر5 ٻولين ۾ شاعري ڪئي جن ۾ سنڌي، سرائيڪي اردو فارسي ۽ انگريزي شامل آهن.
استاد پيرل قمبر جي شاعري ۾ غزل جو تمام وڏو انگ پڙهڻ ۾ اچي ٿو، ان سان گڏو گڏ گيت، وائي، ڪافي هندڪي شبد، نوحه، قصيده، حمد، نعت ۽ قطعه چئو سٽا به جهجي انداز ۾ آهن.
پاڻ شاعري جو سمنڊ هئا، ان جي شاعري جي لفظ لفظ ۽ سٽ سٽ ۾ ساهه ڀريل آهي ۽ سندس شاعري ۾ بلند خيالي تمام گهڻي آهي.
پاڻ، عشق کي پنهنجي شاعري جو استاد بڻائي ڇڏيو ۽ ان عشق جي چيچ وٺي پوري زندگي تائين ساٿ نه ڇڏيو اهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعري گهڻي قدر رومانوي آهي.
ذلفن سان رکيم ذوق ته وارن ونگي وڌو،
پنڀڙين سان ڪيم پيار ته اکڙين انگي وڌو،
پيرل نه ڪر ڀروسو نانگن جي نيهن تي،
گــوگـي زمــــــــان کــي به هــو کپر ڏنـگي وڌو.
جڏهن ته کيس عشق مجازي کان پوءِ عشق حقيقي ٿي ويس، جنهن سبب پاڻ سڄي زندگي شادي جي رشتي ۾ ٻڌجي نه سگهيا.
استاد پيرل قمبر جو علمي ۽ ادبي پورهيو سڄي سنڌ ۾ ڦهليل آهي، سندس سان حياتي ۾ پنهنجي شهدادڪوٽ واري اوطاق تي ناليوارا راڳي به ملاقاتون ڪري چُڪا آهن:-جن ۾
سيد سليمان شاهه، يڪتارو چپڙي جي بادشاهه جلال چانڊيو ۽ ڪلاسيڪل راڳي استاد فتح علي خان به شامل آهن.
استاد پيرل قمبر پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڪاغذ جي سيني تي خالق حقيقي جي ساراهه، پياري پيغمبر جي شان ۾ تعريف، ڪربلا جي شهيدن جي ثناءَ، خدا جي خلقيل ڪائنات جي خوبصورتي سميت پورهيتن جي پگهر جي اهميت ۽ پرين جي پچار ڪندي نظر اچي ٿي.
نه ٿي جي مانُ ڪو مزدور جي پسيني جو،
ڇڏي ڏي پوءِ وڃڻ تون مڪي مديني جو.
آءُ سندس شاعري لاءِ ايترو چوندس ته هو نه صرف پنهنجي دؤر ۾ جو باڪمال ۽ لاجواب شاعر هو پرپنهنجي وجود ۾ هڪ تاريخ هو.Poetry
استاد پيرل قمبر جي شاعري مان اسان کي تمام بهترين سبق ملي ٿو جيڪو هر دؤر ۾ رهنمائي ثابت ڪندو رهندو.
استاد پيرل قمبر کي ننڍا ٻار ڏاڍو موهيندا هئا، استاد ايترو ته حساس طبيعت هيو، جو جيڪڏهن پاڙي ۾ ڪنهن جو ٻار روئيندو هيو ته پاڻ ان کي پيار منجهان پرچائيندا هئا.
منهنجو نانا سائين بابا مولا بخش پاڻ استاد پيرل قمبر جن جو ننڍو ڀاءُ هو. جيڪو گهر ۾ ڪچهري دوران استاد پيرل قمبر جون ساروڻيون ساريندي ٻڌايو ته هڪ دفعي جون جي مهيني جي ڳالهه آهي ته عورت اچي مونکي ٻڌايو ته مان هاڻي ريل تان لٿي آهيان، تنهنجو ڀاءُ پيرل فقير هن ظلم جي گرمي ۾ ڪلر تي ستو پيو آهي مان يقدم اُتان نڪتس سڌو ريلوي اسٽيشن جي طرف آيس ڏسان ته هي هڪ وڏي ڪلر ۾ ستو پيو آهي، مان اُستاد کي ڏسي حيران ٿي ويس جيترو پاڻ هيو، اوترو ئي پگهر هئس مان يقدم استاد کي کنيم. مون کي ڏسي اکيون پٺي چيائين ته تون ڇو آيو آهين.
مان چيومانس پنهنجي حالت ڏٺي اٿئي هن ظلم جي گرمي ۾ ڪلر ۾ ستو پيو آهين.
مون کي استاد پيرل قمبر وراڻي چيو ته او چريا اها باهه مونکي ڪجهه نه ڪندي جيڪا باهه منهنجي اندر ۾ آهي، هي باهه ان باهه جي اڳيان ڪجهه به نه آهي ۽ استاد جي حالت ڏسي آءُ روئي ويٺس ۽ مونکي چيائين هتان هليو وڃ. ان کان علاوه به اُستاد جا اهڙا ڪيترا ئي واقعا ٻڌائيندو هو.
استاد پيرل قمبر جا اڄ به ريڊيو تي جلال چانڊيو، امداد حسين حيدري، ممتاز لاشاري ۽ برڪت ڀٽ جي آوازن ۾ ڳايل ڪلام هلندا رهندا آهن. ان کان علاوه استاد پيرل قمبر جا کوڙ سارا گيت، غزل، ڪافي ۽ حمد به سنڌ جا ناليوارا راڳي پنهنجي سريلي آواز ۾ ۾ ڳائي چُڪا آهن ۽ ڳائيندا رهن ٿا. جن ۾ ماسٽر منظور، سڄڻ سنڌي، ممتاز علي لاشاري، جلال چانڊيو، برڪت ڀٽ، فرزانه پروين، مختيار شيدي، ممتاز علي مستوئي، صائمه منظور، رضا سومرو، تنور علي چوڍيو، وزير علي ڪلهوڙو مسعود رانا، ميڊم نور جهان، ۽ هاڻوڪي بنگلاديشي فنڪاره رونه ليلى به پراڻي وقت ۾ استاد پيرل قمبر جاکوڙ سارا ڪلام ڳايا آهن. طارق چانڊيو جنهن استاد پيرل قمبر جو لکيل حمد چيو آهي. جيڪو مهراڻ ٽي.وي تي صبح سان هلندو آهي.
الله ته اهڙو ڏيندڙ آ نه ڪي دان ڪري نه ڪي نانءَ کٽي،
سو سال حياتي انسان جي پر ان جو نٿو احسان کٽي.
ان کان علاوه به استاد پيرل قمبر جا هيٺين سنڌي فلمن ۾ به گانا آهن:- جن ۾
هاري، پرائي زمين، مٺڙا شال ملن، سوڍا پٽ سنڌ جا، غيرت جو سوال ۽ سورٺ فلمون شامل آهن. سورٺ فلم ۾ استاد جو ڪلام آهي ته،
صورت سڀ سلطان پاڻ ڏسي وٺ پنهنجو تماشو،
اول کان ئي الله رهيو آن ڏُک نه ڏٺو ٿي ڪو.
استاد پيرل قمبر پنهنجي حياتي ۾ مالي سگهارو نه هئڻ ڪري ڪو به ڪتاب نه ڇپرايو نه ئي ڪو ان وقت جي ثقافت کاتي پاران ڪو ڪتاب ڇپرائي ڏنو. پر پنهنجي مدد پاڻ تحت ان دؤر ۾ به استاد پيرل قمبر شاعري جون اٺ چوپڙيون ڇپرايون.
جن ۾ سلام محبت، باغ فردوس ۽ جذبه محبت سميت ٻين نالن سان ڇپرايون ويون، جيڪي هن وقت اڻلڀ آهن.
استاد پيرل قمبر 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ”زياده ان اُپايو منتظر سارو زمانو آ“ جي مليل طرحي واري مقابلي ۾ استاد پيرل قمبر خيرپور ڊويزن ۾ پهريون نمبر آيو هو (ان وقت لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن به خيرپور ڊويزن ۾ شامل هونديون هيون).
ان طرحي جي مقابلي ۾ شعر ٺاهڻ تي صدر ايوب طرفان لاهور ۾ اڳوڻي گورنر مغربي پاڪستان جنرل محمد موسى خان سرٽيفڪيٽ ڏنو ۽ ان وقت استاد پيرل قمبر کي 360 ٽي.اي، ڊي.اي ڏئي لاهور اماڻيو ويو هيو.
ان کان علاوه استاد پيرل قمبر کي اردن جي شاهه حسين کان سرٽيفڪيٽ ۽ برطانيه جي راڻي ايلز بٽ کان تعريفي سرٽيفڪيٽ مليو.
شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلوي طرفان گولڊ ميڊل ۽ هڪ تعريفي سرٽيفڪيٽ مليو. ان کان علاوه پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان به انعام حاصل ڪيائون.
استاد پيرل قمبر جا هن وقت تائين ٻه ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چُڪا آهن جن ۾ ”اگهاڙا پير ٽانڊن تي“ ۽ ٻيو ”سجدو اُداس آ“ جيڪي به هن وقت مارڪيٽ ۾ اڻلڀ آهن.
اُها 24 ڊسمبر 1994ع واري رات هئي جنهن سان سنڌ جي عظيم عوامي شاعر اُستاد پيرل قمبر جي اچانڪ موت واري خبر تي شهدادڪوٽ جي عوام کانسواءِ به سڄي سنڌ جي علم ادب واري اک به اشڪبار هئي.
سندس آخري آرامگاهه ڪڙڪ مقام شهدادڪوٽ ۾ آهي.
استاد جي وڇوڙي کي 18 سال ٿي چُڪا آهن، پر سندس جي شفقت ۽ پيار شاعري جي صورت ۾ اسان سان گڏ آهي ۽ هميشھ رهندي.
13 جنوري 2013ع تي استاد پيرل قمبر جي 18 ورسي پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت پاران سيٽيزن ڪلب ۾ ملهائي وئي. ان کان اڳ ۾ به ثقافت کاتي طرفان سرڪاري سطح تي ڪا به تقريب ناهي ڪوٺائي وئي.
منهنجي ثقافت کاتي کي اُها گذارش آهي ته هو استاد پيرل قمبر جي ڪيل پورهئي تي تحقيق ڪن ۽ ان سان گڏو گڏ هيٺين مطالبن تي عمل ڪن.
   مطــالبا   
 استاد پيرل قمبر جو مواد سهيڙي ڪتابن جي صورت ۾ آندو وڃي، جيئن استاد پيرل قمبر جي شاعري کي هر عام ماڻهو تائين پهچائي سگهجي.
 اُستاد پيرل قمبر جي هر سال سالگرهه ۽ ورسي به ثقافت کاتي پاران ملهائي وڃي.
 استاد پيرل قمبر جي مزار تي نئين سر تعمير ڪرائي وڃي جيڪا ڪافي سال اڳ۾ پيرل قمبر ادبي سنگت طرفان جوڙائي وئي هئي، جيڪا هن وقت زبون حالت جو شڪار آهي.
 شهدادڪوٽ شهر ۾ هڪ پيرل قمبر لائبريري ۽ پيرل قمبر آڊيٽوريم ٺهرائي ڏنو وڃي جتي شهدادڪوٽ جا اديب، شاعر، فنڪار ۽ شاگرد اچي ڪري لاڀ حاصل ڪن.

جنيد علي سومرو
شهدادڪوٽ
[email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button