باڊھ

پوليس جو شھري تي تشدد، چيف جسٽس کي اپيل

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

 ريلوي ملازم روشن علي چانڊي
ريلوي ملازم روشن علي چانڊي
باڊهه: شهر جي ذڪريا ڪالوني جي رهواسي ريلوي ملازم روشن علي چانڊيو پنهنجي رهائش تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ آئون پنهنجي گهر ۾ ويٺو هئس ته اوچتو ڊي ايس پي ڏوڪري شوڪت شاهاڻي ۽ ايس ايڇ او باڊهه خالد سرڪي پوليس اسٽالن سميت چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي منهنجي گهر ۾ ڌاڙيلن جيان گهڙي آيا، جن گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ منهنجي موٽر سائيڪل، گهريلو قيمتي سامان، سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦرڻ کانپوءِ مون کي بلاجواز گرفتار ڪري باڊهه شهر جي ٿاڻي تي رکڻ بجاءِ ڪچي جي فتح پور ٿاڻي جي حد جي هڪ ڳوٺ ٻاهران جهنگ ۾ مون کي قيد ڪري مٿان پهري دار اهلڪار بيهاريا ويا، جڏهن ته ڊي ايس پي مون کان 50 هزار رپيا رشوت طلب ڪئي نه ڏيڻ تي مسلسل 4 ڏهاڙا درياهي علائقن ۾ مون کي رلائيندا رهيا، بعد ۾ منهنجي وارثن لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن بعد گذريل رات مون کي آزاد ڪيو ويو، هن چيو ته آئون سرڪاري ملازم هئڻ سان گڏ علائقي جو زميندار به آهيان، ڊي ايس پي ذاتي دشمني تحت گهران اغوا ڪري مسلسل 4 ڏهاڙا ذهني ۽ جسماني تشدد ڪيو، هن چيف جسٽس آف هاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ پوليس کاتي جي اعليٰ اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button