رانديون

پنجين آل پاڪستان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو فوٽ بال ٽونامينٽ ٿي گذري

ضمير کرل، شھداد ڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾ پنجين آل پاڪستان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو فوٽ بال ٽونامينٽ ٿي گذري جنهن دؤران الشهباز ۽ حيدري Shahdad koat footbal (640x175)فوٽبال ڪلب شهدادڪوٽ وچ ۾ مقابلو ٿيو،مقرر وقت ۾ ٻنهي ٽيمن جو اسڪور برابر رهيو،جڏهن ته پينلٽي شوٽ آؤٽ تي الشهباز فوٽبال ڪلب مقابلو کٽي حيدري ڪلب کي هارائي ڇڏيو، ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي مهمان خاص ڊي،سي قمبر رضا بلوچ ۽ ٻين مهمانن سپاف ضلعي جي جنرل سيڪريٽري دوست محمد سومري، پ پ اڳواڻ شاهد لانگاهه، ميان گل محمد ميڪڻ، بشير ساسولي،شفيع محمد بروهي ۽ ٻين چيو ته شهدادڪوٽ شهر ٻين سرگرمين سميت اسپورٽس سرگرمين ۾ به اڳڀرو آهي، هنن چيو ته اهڙيون صحتمند سرگرميون ضروري آهن، جنهن ڪري نوجوان سماجي برايو ڇڏي ڪري صيحتمند سرگرمين ڏانهن راغب ٿيندا هن چيو ته ان سان گرائونڊ آباد ۽ اسپتالون ويران ٿينديو، ان موقعي تي ڊي سي قمبر رضا بلوچ ۽ ٻين رانديگرن کي ڪپ ۽ ٻيا انعام پڻ ڏنا، مقابلي دؤران ماجد شيخ، رسول بخش سومري، عبداوهاب پٺاڻ، عطاء الرحمان بلوچ ۽ ٻين رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button