باڊھ

ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي عمارت ۾ ڪلرڪ سيڪشن جي آفيس کي اوچتو باهه

عبدالمجيد جهتيال باڊهه

باھ لڳل عمارت جو ڏيک
باھ لڳل عمارت جو ڏيک
باڊهه: ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي عمارت ۾ ڪلرڪ سيڪشن جي آفيس کي اوچتو باهه لڳي وئي، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي جي اڱڻ تي بيٺل ٽيڪسين جي ڊرائيورن ۽ باڊهه ڏسي دانهون ڪنيون، جنهن تي سوين شهري واقعي واري هنڌ پهچي باهه کي وسائي عمارت کي وڌيڪ سڙڻ کان بچائي ورتو، واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي صفائي ڪندڙ عملي پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج جاري هيو، باهه واري واقعي کان چند گهڙيون اڳ پڻ صفائي واري عملي پاران احتجاج ڪيو ويو هو، جڏهن ته باهه واري هنڌ ٽائر سڙي رهيو هو، جتان عمارت جي دروازي کي باهه لڳي وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button