سکر

ٻوڏ متاثرن جي آيل دوائون ۽ سامان ساڙڻ جي ڪوشش، پوليس جو ڇاپو

بيورو رپورٽ، سکر
SRSO medicines (640x331)روهڙيءَ ڀرسان سرسو اداري پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي آيل امداد جو سامان ڪروڙين روپين جون دوائون، اٽو، ڪمبل ۽ ٻيو سامان چوريءَ لڪائي رکڻ ڪري خراب ٿي وڃڻ بعد ساڙي رهيا هئا پوليس جو ڇاپو، سرسو ڊرائيور سرڪاري گاڏي سميت گرفتار ، پوليس موجب ٻيا جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، خبر موجب ضلعي سکر ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي امداد لاءِ آيل ڪروڙين روپين جو سامان سرسو اداري جي علي واهڻ جي ويئر هائوس ۾ رکيل سامان ٻاهرين ملڪن جو قيمتي دائون، اٽو، ڪمبل ۽ ٻيو سامان خراب ٿي وڃڻ بعد سرسو اداري پاران روهڙيءَ ويجهو پير مراد شاهه ڦاٽڪ ڀرسان پهاڙي علائقن ۾ ايڪسپائير ٿي ويل ڪروڙين روپين جو قيمتي دوائون، اٽو، ڪمبل ۽ ٻيو سامان ساڙيو پيو وڃي ته ايس ايس پي سکر سيد پير محمد شاهه جي اسڪواڊ پاران بروقت ڇاپو هڻي سرسو جي ڊرائيور نادر سمون کي سرڪاري گاڏي نمبر G1720 سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کي روهڙي پوليس جي حوالي ڪيو
ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته 0 1 0 2 ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي امداد لاءِ آيل ڪروڙين روپين جو سامان سرسو اداري پاران متاثرن ۾ تقسيم ڪرڻ بدران علي واهڻ ۾ قائم ويئر هائوس ۾ لڪائي ڇڏيو هيو، جتي ڪيترو ئي عرصو گذرڻ بعد قيمتي دوائون ايڪسپائير ٿي وڃڻ، اٽي ۾ جيت پئجي وڃڻ، ڪمبل ۽ ٻيو سامان خراب ٿي وڃڻ بعد روهڙيءَ جي جابلو علائقي ۾ ساڙيو پيو وڃي جتي پوليس جي ڇاپي بعد سرسو جو ڊرائيور کي گاڏيءَ سميت پڪڙي روهڙي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button