سکر

ٻارڙن ۾ جبري پورهي جي خاتمي لاءِ 17 يوسيز ۾ ڪم مڪمل، مبين الاهي

بيورو رپورٽ، سکر

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
اسسٽنٽ ڪمشنر سکر ۽ چائلڊ ليبر آرگنائزيشن جي فوڪل پرسن مبين الاهي چيو آهي ته ٻارڙن ۾ جبري پورهي جي خاتمي لاءِ 17 يوسيز ۾ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ هنن يوسيز ۾ تعليم، فني تربيت ۽ تربيت حاصل ڪندڙن ۾ روزگار لاءِ سامان جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. ٻارڙن جي والدين کي پڻ ترغيب ڏني پئي وڃي ته هو روزگار جي حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي اپائن کان فائدو وٺن. جڏهن ته 05 کان 14 سالن تائين جي ٻارڙن کي پڻ اسڪول وڃڻ جو پابند ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل چائلڊ ليبر جي نائين اجلاس جي موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر سکر ٽو مبين الاهي تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اسڪول ۽ ٻارڙن جي انگ اکر گڏ ڪري جلد فراهم ڪن. اجلاس ۾ چائلڊ ليبر اسلام آباد جي سجيوا فونسيڪا پڻ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي اجلاس ۾ چائلڊ ليبر سکر جي اشفاق احمد سعديه عين الدين کان علاوه لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اشفاق احمد اجلاس کي سکر ۾ چائلڊ ليبر جي خاتمي جي لاءِ کنيل قدمن، سکر موٽرس، روهڙي موٽرس، اسمال انڊسٽريز، ٽريڊ ايسوسئيشن سان ڪيل معاهدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سجيوا فونسيڪا ان موقعي تي چيو ته اسان کي چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ بهتر ۽ مثبت اپائن جي سخت ضرورت آهي هن اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن تي زور ڏيندي چيو ته هو وڌ ۾ وڌ تياري سان ٻارڙن ۽ ان جي والدين ۽ علائقي واسين کي آگاهي ڏين ته هو پنهنجو بهتر روزگار شروع ڪري سگهن. هن اجلاس ۾ اي ڊي او تعليم، صحت، محنت، عام عوام ۽ ميڊيا جي نمائندن سان رابطي جي واڌ لاءِ ڪوششن جو مشورو ڏنو. هن چائلڊ ليبر جي حوالي سان سکر ۾ ڪيل اپائن کي ساراهيندي چيو ته ساهيوال ۾ به اهڙي طرح ڪم جاري آهي ۽ اسان کي وڌيڪ محنت ۽ تياري ڪرڻي پوندي. سعديه عين الدين اجلاس کي ويڊيو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ڇوڪريون ۽ انهن جون مائرون جبري پورهي جي حوالي سان ٿيندڙ نقصانن کي آساني سان سمجهن ٿيون ان موقعي تي هن جبري پورهي جي حوالي سان کينل قدمن جي باري ۾ آگاهي ڏني ته جيئن اسان گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهون. اجلاس ۾ گذريل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ منظوري ڏني ويئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button