سکر

ٺري ميرواهه جي رهواسين پوليس طرفان مدد نه ڪرڻ خلاف مظاھرو

بيورو رپورٽ ، سکر
Women protesting against police (640x351) سکر پريس ڪلب آڏو ٻئي ڏينهن به ضلعي خيرپور جي علائقي ٺري ميرواهه جي رهواسين معصوم ٻارڙن جو جوابدارن طرفان انتقامي ڪاروائين ۽ پوليس طرفان مدد نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي معصوم نينگرين 4 1 سالن جي صغره سهتو، 6 1 سالن جي شازيه سهتو، سائره سهتو ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر جي حڪم جي باوجود ٺري ميرواهه پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري رهي آهي، ۽ نه ئي اسان جي مدد ڪري رهي آهي، جوابدارن طرفان اسان جي گهرن تي قبضا ڪرڻ کان علاوه مسلسل ڌمڪيون ملڻ تي گذريل ٻن مهينن کان دربدري واري زندگي بصر ڪري رهيا آهيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پٽيشن نمبر S198-2013 جو حڪم ڏئي چڪي آهي، ۽ پوليس کي چيو آهي ته جيڪڏهن هن حڪم جي خلاف ورزي ڪئي وئي ته ان جا ذميوار ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايڇ او ٺري ميرواهه هوندا، پر ان جي باوجود ٺري ميرواهه پوليس اسان جي ڪابه مدد نه ڪري رهي آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان جي گهرن تان قبضا ڇڏرايا وڃن، جيڪڏهن جلد اسان کي انصاف فراهم نه ڪيو ويو ته بک هڙتال ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button