سکر

وفاقي حڪومت 16 مارچ رات 12 بجي تائين تحليل ڪئي ويندي، خورشيد شاهه

عمر سومرو،سکر

وفاقي حڪومت 16 مارچ رات 12 بجي تائين تحليل ڪئي ويندي، خورشيد شاهه
وفاقي حڪومت 16 مارچ رات 12 بجي تائين تحليل ڪئي ويندي، خورشيد شاهه
وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت 16 مارچ رات 12 بجي تائين تحليل ڪئي ويندي، جڏهن ته اسيمبلين جون الڳ الڳ تاريخون آهن، نگران وزير اعظم جو اعلان جلد ڪيو ويندو، وزير اعظم راجا پرويز اشرف سان چارن صوبن جي وزيرن جي ملاقات ۾ اهو طي ڪيو ويندو ايندڙ اليڪشن ۾ قومي ۽ صوبائي اسمبلين جي اليڪشن هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪرايون وينديون سکر ۾ صحافي تاريخ سکر ۾ پهريون دفعو صحافي ڪالوني جي لاءِ وسپور محله پراڻو سکر ۾ وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي سکر سيد پيرمحمد شاهه، ايس ايس اي بلڊنگ ڪاظم رضا سميت ٻين اعليٰ آفيسرن جي باضابطه طور تي ٽن ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل ڪالوني جو سنگ بنياد رکيو، ان موقعي تي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مسلم ليگ ن جي اپوزيشن ليڊر چوڌري نثار علي، جسٽس کوسو تي اعتراض ان جي ڪري آهي جو اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهو رهيو آهي هن چيو ته پنج سان گڏ رهيا آهيون حڪومت اپوزيشن مل ويهي ڪري نگران وزيراعظم جي نالي تي مشاورت ڪندا، موجوده حڪومت جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي سڀنن جي سامهون آهي، اسان وڏن منصوبن کان وٺي ترقياتي ڪم ڪراياآهن ۽ سٺي ڪارڪردگي تي ملڪ جي 18 ڪروڙ عوام مبارڪباد ڏني آهي، موجوده حڪومت سکر جي صحافين سان صحافي ڪالوني جو وعدو ڪيو هو، اهو اڄ پورو ڪري ڇڏيو، صحافي ڪالوني جي تعمير تي چاهي 15 ڪروڙ خرچ اچي، حڪومت پاران فوجين ۽ ججزن ڪالونيون ٺاهيون ويون آهن صحافين جي لاءِ ڇو نه هنن چيو ته حڪومت ميڊيا کي سهولت جي فراهمي جي نهايت اهميت ڏيندي آهي، هن صحافي ڪالوني جي چئن طرف ڀت، پاڻي نيڪالي جي سھولت ، پاڻي جي سھولت سميت ٻيا ترقياتي ڪمن جي لاءِ پنج ڪروڙ روپين جي رقم ڏيڻ جي اعلان ڪيو، ان موقع تي سکر پريس ڪلب جي صدر لالا اسد پٺاڻ،ممتاز بخاري،عمرسومرو،امداد بوزدار،جان محمد مهر،عبيدالله شيخ ،فرهاد سومرو،چوڌري محمد ارشاد،فريد سومرو ،اظهر دايو سميت ٻين عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪندي وفاقي وزير سميت ڪمشنر سکر عباس بلوچ، ايس ايس پي سکر سيد پير محمد شاهه ۽ ٻين جي تعاون ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ويو. ٻي پاسي سيد خورشيد احمد شاهه پاڪستان ريلوي سليپر فيڪٽري سکر ۾ 73 ملازمن ۾ پڪا آرڊر ورهائڻ واري جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت ڏني ۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري شهيد جي پوءِ لڳي ڪندي بين الاقوامي دٻاءَ جي باوجود ملڪ جي 18 ڪروڙ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڪ ايران گئس پائپ لائن جو افتتاح ڪيو. پاڪ ايران گئس پائپ لائن ۽ گوادر پورٽ تي سرگرمين کان پوءِ دنيا جا تاجر ۽ سيڙپڪار ايندا اربين روپين جو فائدو ٿيندو جنهن بعد ملڪ ۾ خوشحالي ايندي بيروزگاري، دهشتگردي، مهنگائي ۽ بدحالي جو خاتمو ٿيندو. . هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏنل فلسفي صبر، برداشت ۽ مفاهمت تي عمل ڪندي اڄ جمهوري حڪومت 5 سال مدو پورو ڪري رهي آهي جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيو ويندو. صدر آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ جمهوري حڪومت ملڪ جي عوام جي بي مثال خدمت ڪئي آهي جنهن ڪري مخالفين پاران ٿيل ترقياتي ڪمن جي مڃتا اسان جي ڪاميابي آهي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر آصف علي زرداري پنهنجا اختيارات پارليمينٽ جي حوالي ڪيا هن چيو ته بلا تفريق رنگ ۽ نسل انسانن جي خدمت ڪندي اڍائي لک ماڻهن کي روزگار ڏنو ويو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريب ۽ بيوائن کي هزارين روپيا گذر بسر ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا هن چيو ته ملڪ ۾ ڪافي عرصو ڊڪٽيٽر شپ رهي جنهن ملڪ جي حالت خراب ڪئي هئي هن چيو ته هڪ لک 50 هزار ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ اين سي ايڇ ڊي جي 35 هزار ملازمن کي پڪو ڪيو ويو. بيروزگارن ۾ خود مختيار روزگار ڪرڻ لاءِ رڪشه پڻ تقسيم ڪيا ويا. اسان ملڪ جي 18 ڪروڙ عوام کي هنر مند ڪري روزگار جي قابل بڻائينداسين هن چيو ته مخالفين 5 سال پروپيگنڊا ڪئي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪندي پر اڄ عوام جي طاقت سان حڪومت پنهنجو مدو مڪمل ڪري چڪي آهي جيڪا عوام جي فتح آهي هن کان اڳ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ملٽري روڊ سکر تي 130.49 ملين روپين جي لاڳت سان پيئڻ جي صاف پاڻي جي سپلاءِ جو افتتاح ڪيو. بعد ۾ سکر شهر ۾ پهريون پيپلزانٽرنيشنل اوسٽروٽرف هاڪي گرائونڊ جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي هن چيو ته هي مطالبو سکر جي عوام جو پراڻو مطالبو هو جيڪو اڄ مڪمل ٿيو آهي راندين جي فروغ لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون جڏهن ته سکر شهر ۾ بين الاقوامي سطح جو اسپورٽس ڪامپليڪس پڻ تعمير ڪيو پيو وڃي. سيد خورشيد احمد شاهه بندر روڊ تي 250 ملين روپين جي لاڳت سان بندر وال کي خوبصورت بڻائڻ ۽ سنڌو درياءُ ڀرسان تفريح گاهه جو پڻ افتتاح ڪيو هن کان علاوه پراڻي سکر ۾ صحافي ڪالوني جو سنڱ بنياد رکندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته پارٽي جي فيصلن کي اوليت ڏني ويندي جيڪي نالا وزيراعظم لاءِ پيش ڪيا آهن ان تي اعتراض ڪيو پيو وڃي انشاءَ الله ان مسئلي کي جلد حل ڪيو ويندو. اسان جي 5 سالن جي ڪارڪردگي عوام جي آڏو آهي عوام چاهيندي ته اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ڪري عوام جي اعتماد تي پورا لهنداسين ۽ ملڪ جي خوشحالي ترقي ۽ ان جي وقار کي بلند ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين هن جمهوريت جي فروغ لاءِ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيو ان کان پوءِ روهڙي بس ٽرمينل جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ايم پي اي ڊاڪٽر نصرالله بلوچ، وڏي وزير جو صلاحڪار پهلاج راءِ، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي پير محمد شاهه کان علاوه پارٽي جا اڳواڻ پڻ موجود هئا جڏهن ته پنوعاقل ۾ 18 ايڪڙ ايراضي تي مشتمل 9 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ اسپورٽس ڪامپليڪس ۽ هڪ ڪروڙ 70 لک روپين جي لاڳت سان شهيد بينظير ڀٽو پارڪ جو پڻ سنڱ بنياد رکيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button